حيدرآباد(بيورو رپورٽ) سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ گرين پاڪستان جي نالي تي سنڌ جي زمينن تي قبضي خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون ڊويزنل صدر مير گنبل شاھه، جان محمد جوڻيجو، عرفان بروھي، عمران شيخ، سميع الله سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪالھه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو. مظاھري ۾ شامل ماڻهن جي ھٿن ۾ بينر ۽ جھنڊا کنيل ھئا، جيڪي سامراج خلاف زوردار نعريبازي ڪري رھيا ھئا. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي ڪمپنين حوالي ڪئي وئي آھي، سنڌ جي ماڻھن جي پيرن ھيٺان زمين کسي پئي وڃي، جيڪو عمل انساني حقن جي خلاف آھي. ھنن چيو ته وفاق ۽ سنڌ حڪومت سنڌ جي عوام کي ڪئنال منصوبو رد ڪرڻ جو لالي پاپ ڏئي رھيون آھن، جڏھن ته ڪئنال منصوبو مڪمل طور رد نه ٿيو آھي، صرف ملتوي ٿيو آھي، فوري طور ڪئنال منصوبو مڪمل طور تي ختم ڪري سنڌ جون زمينون ڪمپنين کان واپس ورتيون وڃن. ھنن چيو ته سنڌ جي سرزمين تي سامراجي قوتن جو قبضو ڪڏهن به قبول نه  ڪنداسين آخر  ۾ شڪاگو جي شھيدن کي پڻ ڀيٽا پيش ڪئي  وئي.