حيدرآباد (بيورو رپورٽ) آل حيدرآباد هوٽلز اينڊ ريسٽورينٽس ايسوسيئيشن سنڌ صوبي ۾ هزارين هوٽل مالڪن کي به ٻوڏ متاثر قرار ڏيندي وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن کان مطالبو ڪيو آهي ته هوٽل مالڪن کي پيرن تي بيهارڻ لاءِ سبسڊي ڏئي کين ٽيڪس، بجلي ۽ گئس جي بلن ۾ ڇوٽ ڏني وڃي. ان سلسلي ۾ هوٽل يونين جي صدر نواب خان، سينيئر نائب صدر حاجي امير الرحمٰن، جنرل سيڪريٽري غلام سرور ۽ ٻين پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ ۾ برسات سبب آيل ٻوڏ جي نتيجي ۾ جتي سنڌ جو هر ماڻهو متاثر ٿيو آهي اتي سنڌ جا هزارين هوٽل مالڪ به متاثر ٿيا آهن جن جا ڪاروبار ٺپ ٿي ويا آهن. عملو بي روزگار آهي،هنن چيو ته هوٽل مالڪ حڪومت کي هر قسم جو ٽيڪس ادا ڪن ٿا ان لاءِ هن مصيبت جي وقت ۾ انهن جي واهر ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي.