حيدرآباد (بيورو رپورٽ) آٽا چڪي اونرز سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن حيدرآباد جي اڳواڻ حاجي محمد ميمڻ، فاروق راٺوڙ، حاجي نجم الدين، فاروق قمر ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ضلعي انتظاميا ڪمشنر جي اڳواڻي ۾ هڪ ميٽنگ گهرائي ڪڻڪ في ڪلو پيسائي تي خرچ 24 رپيا مقرر ڪري اهڙو نوٽيفيڪيشن جاري ڪيو، اسان جو ڪلو ڪڻڪ جي پيسائي تي ٽوٽل 34 رپيا اچي رهيو آھي. هنن چيو ته ان حساب سان اسان کي اٽو في ڪلو 131 رپيا ڏيڻو آھي پر ان ۾ اسان کي تمام گهڻو نقصان ٿي رهيو آھي جنهن ڪري هو 140 رپيا هلائڻ تي مجبور آھيون. سرڪاري نوٽيفڪيشن موجب هڪ مڻ ڪڻڪ جي پيسائي 960 رپيا ٺهي ٿي.