حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حضرت امام حسين عه ۽ سندس جانثارن جي چاليهي جي مناسبت سان مرڪزي ماتمي جلوس قدم گاهه مولا علي عه تان برآمد ٿيو. انجمن اماميه سنڌ جي زير اهتمام برآمد ٿيل جلوس روايتي رستن ڪوهنور چوڪ، اسٽيشن روڊ، ڇوٽڪي گهٽي، لجپت روڊ، صدر ۽ الرحيم سينٽر کان ٿيندو ڪربلا دادن شاهه تي نهر ٿيو. جلوس ۾ ذوالنجاح، علم پاڪ، جهولا، سيجون ۽ ٻيون تبرڪات به شامل هيون. صبح جي وقت شهر توڙي ڀرپاسي وارن علائقن مان هزارين مرد توڙي عورت عزادار مشي قافلن جي صورت ۾ قدم گاهه مولا علي عه تي پيادل پهتا ۽ انهن زيارت بعد جلوس ۾ به شرڪت ڪئي. سڄي شهر ۾ ڀرپاسي کان آيل عزادارن وڏي انگ سبب پوليس پاران سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا. جلوس ۾ داخل ٿيڻ لاءِ عزادارن کي واڪ ٿرو گيٽن مان جامع تلاشي کانپوءِ اندر ڇڏيو ويو. سي سي ٽي وي ڪئميرا نصب ڪري گهڻ ماڙ عمارتن تي ڪمانڊوز کي مقرر ڪيو ويو هو جڏهن ته جلوس جون گذرگاهون ڪنڊيدار تارون ۽ ڪناتون هڻي مڪمل طور سيل ڪيون ويون هيون. جلوس ۾ شريڪ عزادارن مختلف هنڌن تي سينا زئي ۽ ماتم زئي جو به مظاهرو ڪيو. شهر جي مختلف علائقن ۾ پيادل مشي قافلن جي صورت ۾ پهتل عزادارن لاءِ چوڪن ۽ چوراهن تي سبيلن جو به اهتمام ڪيو ويو هو. پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته جلوس جي سيڪيورٽي لاءِ هڪ هزار کان وڌيڪ اهلڪار ۽ عملدار مقرر ٿيل هئا جڏهن ته مختلف انجمن جي اسڪائوٽس ۽ رينجرز پاران به مرڪزي جلوس جي سيڪيورٽي جا فرض سرانجام ڏنا ويا.