حيدرآباد (بيورو رپورٽ) پيپلزپارٽي سنڌ پاران حيدرآباد ۾ ميئر، ڊپٽي ميئر، ٽائون چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين لاءِ اميدوارن کان درخواستون وٺڻ وارو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته حيدرآباد جي ميئرشپ حاصل ڪرڻ لاءِ ضلعي صدر ۽ وڏي وزير جي حيدرآباد معاملن بابت صلاحڪار صغير احمد قريشي، صوبائي وزير ڄام خان شورو جي ڀاءُ ڪاشف خان شورو، ضلعي جنرل سيڪريٽري علي محمد سهتو ۽ عرفان گل مگسي پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو کي درخواستون ڏئي ڇڏيو آهي. اهڙي ريت ڊپٽي ميئر، قاسم آباد ٽائون، حسين آباد ٽائون، سچل سرمست ٽائون، نيرون ڪوٽ ٽائون، ٽنڊو ڄام ٽائون، ٽنڊو فضل ٽائون سميت ٻين ميونسپل ڪميٽين جا عهدا ماڻڻ لاءِ مختلف اميدوارن پاران درخواستون ڏنيون پيون وڃن. حيدرآباد جي ميئرشپ حاصل ڪرڻ لاءِ درخواستون پارٽي قيادت کي ڏيندڙ اڳواڻن پاران ڪا تصديق ته ناهي ڪئي وئي پر پارٽي جي اهم ذريعن ٻڌايو ته حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن جي ميئرشپ حاصل ڪرڻ لاءِ في الحال 4 اميدوار سامهون آيا آهن جن باضابطه طور درخواستون به ڏئي ڇڏيون آهن.