حيدرآباد (بيورو رپورٽ) اسٽيشن روڊ تان پوليس وردي پهريل مبينا ڦورو آبپاشي کاتي جي رٽائرڊ ڊرائيور کان پينشن جا 45 هزار رپيا ڦري ويا، پوليس پاران رپورٽ داخل ڪرڻ کان انڪار متاثر ڊرائيور احتجاج لاءِ پريس ڪلب پهتو. هالاناڪي جي علائقي خورشيد ٽائون سان تعلق رکندڙ رٽائرڊ ملازم غلام نبي چانگ پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪندي دانهيو ته هو اسٽيشن روڊ تي قائم خانگي بئنڪ مان پينشن جي رقم ڪڍرائڻ لاءِ پهتو جتان هن 45 هزار رپيا ڪڍرايا ۽ واپس وڃي رهيو هو ته ڪار ۾ سوار چئن ڦورن کيس يرغمال بڻايو ۽ هٿيارن جي زور تي روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا. ملازم موجب ته هو سامهون قائم سٽي ٿاڻي پهتو جتي هن رپورٽ داخل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر پوليس انڪار ڪيو جنهن بعد سندس احتجاج تي انهن واقعي جي رپورٽ ته داخل ڪئي پر سي سي ٽي وي فٽيج هٿ ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته ڦورن سان گڏ ڪار ۾ سوار هڪ شخص کي وردي پاتل هئي جنهن گاڏي پئي هلائي جڏهن ته 3 ڦورو ماسڪ پهريل هئا جن وٽ اسلحو هو ۽ قتل جون ڌمڪيون ڏئي کانئس رقم ڦر ڪري ويا آهن. متاثر شخص ايس ايس پي ساجد امير سدوزئي کان مطالبو ڪيو ته هو معاملي جو نوٽيس وٺي ته جيئن لاڳاپيل ٿاڻي جي پوليس ڦر ٿيل رقم واپس ڪرائي ڦورن کي گرفتار ڪري سگهي.