حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي هالاناڪي واري علائقي ۾ صائمه پلازه سامهون ٽرڪ جي موٽرسائيڪل کي ٽڪر سبب 2 نوجوان فوت ٿي ويا. فوتي نوجوانن ۾ 21 سالن جو سميع الله پٽ حبيب الله چنڊ ۽ 21 سالن جو محمد حسنين ولد منظور الحق ميمڻ شامل آهن. چيو پيو وڃي ته نوجوان موٽرسائيڪل تي سوار هئا. صائمه پلازه جي ڪٽ وٽ ٽرڪ موٽرسائيڪل کي ٽڪر هنيو جنهن جي نتيجي ۾ ٻئي ڄڻا موٽرسائيڪل تان ڪري پيا ۽ ٽرڪ سندن مٿان چڙهي وئي. حادثي سبب نوجوان سميع الله چنڊ ٿڏي تي فوت ٿي ويو جڏهن ته سندس دوست اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهي فوت ٿيو. ٻئي نوجوان اسريٰ يونيورسٽي ۾ ڊي پي ڊي جي سيڪنڊ ايئر جا شاگرد هئا. حادثي ۾ فوت ٿيل نوجوان سميع الله چنڊ رٽائرڊ انسپيڪٽر حبيب الله چنڊ جو فرزند هو ۽ اسريٰ يونيورسٽي ڀرسان ڳوٺ اسماعيل چنڊ جو رهواسي هو. سندس دوست جيڪو پڻ سندس ڪلاس فيلو هو سو اسريٰ يونيورسٽي جي هاسٽل ۾ رهندڙ هو. ٻئي دوست ڪنهن ڪم ڪار سان اسريٰ يونيورسٽي کان هالاناڪي تي آيا هئا جتي هو حادثي ۾ فوت ٿي ويا. نوجوان محمد حسنين ميمڻ اصل نوشهروفيروز جي وارڊ نمبر 2 جو رهواسي هو. محمد حسنين ميمڻ جو مڙهه سندس وارث نوشهروفيروز کڻائي ويا جڏهن ته سميع الله چنڊ جو مڙهه اسريٰ يونيورسٽي ڀرسان ڳوٺ اسماعيل چنڊ نيو ويو جتي سندس تدفين ڪئي وئي. حادثي جو سبب بڻجندڙ ٽرڪ ريتي سان ڀريل هئي. پوليس ٽرڪ ۾ پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو جڏهن ته ٽرڪ ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو.