حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ ميوزيم ڀرسان قائم علامه دائود پوٽو لائبريري جي بجلي بند هئڻ خلاف شاگرد رستن تي نڪري آيا جن احتجاج ڪري  مک روڊ ٻنهي پاسن کان بند ڪري ڇڏيو. شاگردن حيسڪو ۽ لائبريري جي انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ شاگردن ٻڌايو ته حيسڪو پاران ڪجهه ڏينهن کان لائبريري جي بنا جواز بجلي بند ڪئي پئي وڃي جنهن ڪري گرمي ۾ هو بي حال آهن. هنن چيو ته روزانو صبح جو 6 وڳي هو گهران نڪري پيادل يا لوڪل ٽرانسپورٽ ذريعي 8 وڳي تائين ٺهندڙ لائين ۾ بيهي تعليم جي حاصلات لاءِ لائبريري ۾ اندر داخل ٿا ٿين پر بجلي بند هئڻ سبب سندن وقت ۽ خرچ ضايع ٿيو وڃي. هنن چيو ته صبح جو 8 وڳي کان بجلي بند ٿي. 5 ڪلاڪ گذرڻ باوجود بجلي بحال ناهي ٿي جنهن ڪري مجبور ٿي انهن احتجاج جو رستو اختيار ڪيو. شاگردن چيو ته انهن انتظاميا وٽ به دانهيو آهي ته مستقل بنيادن تي بجلي وارو معاملو حل ڪيو وڃي ته جيئن سندن تعليم متاثر نه ٿئي پر انتظاميا ڪو به تدارڪ ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. شاگردن جي احتجاج سبب ٻن ڪلاڪن تائين قاسم آباد، لطيف آباد، ڪوٽڙي ۽ ڄامشورو ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفئڪ بند ٿي وئي جنهن بعد جي او آر ۽ قاسم آباد ٿاڻي جي پوليس پهچي شاگردن سان ڳالهيون ڪري کين انتظاميا ڏانهن وٺي وڃي خاطري ڪرائي ته هو حيسڪو اختيارين سان ڳالهائيندا ته جيئن پڙهائي جي ٽائيم لائبريري واري فيڊر تي لوڊشيڊنگ کان پاسو ڪن.