حيدرآباد(بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي ٿڌڙين هوائن ۾ٻن ڏينھن وارو صوفي ميلو شروع ٿي ويو آهي. سنڌ جي ثقافت، سياحت ۽ نوادرات کاتي جي صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھه، مئير حيدرآباد ڪاشف شورو ۽ ڊي جي ڪلچر منور حسين مهيسر گڏيل طور ميلي جو افتتاح ڪيو. شهر جي مختلف علائقن مان ماڻهو گيڙو رنگ جا ٽوال  ڳچي ۾ وجهي ميلي کي گهمڻ لاءِ سنڌ ميوزيم پهتا. صوفي ميلي ۾ مختلف اسڪولن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين طرفان تخليقي ماڊل تيار ڪري ميلي ۾ نمائش لاءِ رکيا ويا، جڏهن ته ميلي ۾ تصويرن جي نمائش به لڳي وئي آهي. درگاهه حضرت ٻڍل سائين ۽ درگاھ حضرت بيدل سائين سان لاڳاپيل صوفي راڳين صوفي ڪلام ڳائي ميلي ۾ صوفي رنگ وکيري ڇڏيا. ميلي جي افتتاحي تقريب ۾ڳالهائيندي سنڌ جي ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھه چيو ته ميلا ملاکڙا، گھوڙن جي ڊوڙ ۽ ملھن جا مقابلا سنڌ جي ثقافت جي سڃاڻپ آھن. سنڌ صوفين، درويشن ۽ محبت ڪندڙ ماڻهن جي ڌرتي آهي. سنڌ صوفي ميلو به سنڌ جي صوفي رنگ ۽ محبت توڙي امن جو پيغام ڏي ٿو. هن چيو ته سنڌ مان ميلا ختم ٿي رهيا آهن جن کي بچائڻ ضروري آهي. جلد ئي لاڙڪاڻي ۾ لاهوري ميلو ۽ سکر ۾ ٻيا مختلف ايونٽ ڪيا ويندا. هن چيو ته سنڌ جي گھوڙي سواري به تمام گھڻي مشھور آھي. گھوڙن کي تيار ڪري ميلن ۾ مقابلن ۾ حصو وٺندڙن جي حوصلا افزائي ٿيڻ گهرجي. ان سلسلي ۾ گهوڙي سوارن سان رابطو ڪيو پيو وڃي. سنڌ صوفي ميلي ۾ مختلف صوفي راڳي پنھنجي صوفي رنگن وسيلي پنھنجو فن پيش ڪري رھيا آھن. سنڌ جو ثقافت کاتو ميلن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ميئر حيدرآباد ڪاشف شوري چيو ته سنڌ صوفي ميلو حيدرآباد جو خوبصورت ميلو آھي. سنڌ جي ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھه کي مبارڪون ھجن جنهن ميلي جا منڊڻ مچايا. ميلي ۾ گھمڻ لاءِ حيدرآباد واسي وڏي انگ ۾ اچي رھيا آھن جنهن مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته هن ميلي سان عوام جو وڏو چاهه آهي، سنڌ صوفي ميلي ۾ صوفي راڳين صوفي ڪلام ڳائي ميلي کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. ميلي ۾ قلندري ڌمال به لڳائي وئي جڏهن ته درگاھه بيدل سائين ۽ درگاھه ٻڍل سائين سان لاڳاپيل صوفي راڳين حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي، سچل سرمست، ٻڍل فقير، بيدل ۽ حمل فقير سميت مختلف صوفي شاعرن جا ڪلام پيش ڪيا.

ميلن مان تفريحي ملي، سائنسي ماڊل ڏسي خوشي ٿي: شاگرد

حيدرآباد: سنڌ صوفي ميلي ۾ مختلف اسڪولن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين ڳالهائيندي چيو آهي ته ميلن مان کين تفريحي ملي ٿي. سنڌ صوفي ميلو گھمڻ دوران کين مختلف موسمن ۽ تاريخي قلعن سميت ڪيترائي ماڊل ڏسي خوشي ٿي جن مان کين سکڻ جو موقعو مليو آهي. هنن چيو ته اهڙا ميلا لڳڻ گهرجن ڇاڪاڻ ته سنڌ جي ميلن وسيلي سنڌ جي تاريخ، ثقافت ۽ سياحتي ماڳن بابت معلومات ملي ٿي.