حيدرآباد (رپورٽ: فيض کوسو) حيدرآباد جي لطيف آباد واري علائقي ۾ بلڊرز هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌو درياهه جي پيٽ ۾ بچاءُ بند کان اندر غيرقانوني اسڪيمون ٺاهي غريب ۽ اٻوجهه شهرين کان رقمون وصول ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويا آهن. ٻڌايو پيو وڃي ته هڪ بلڊر پاران گلشن نور جي نالي سان هڪ نئين اسڪيم شروع ڪئي وئي آهي جيڪا اڳ هڪ ٻئي نالي سان هلندڙ هئي جنهن کي روينيو اختيارين ڪالعدم قرار ڏئي ان اسڪيم تي ڪم به بند ڪرائي ڇڏيو هو. اها اسڪيم لطيف آباد نمبر 10 جي علائقي ۾ سنڌو درياهه جي اندر فلڊ زون ۾ قائم ڪئي پئي وڃي. چيو پيو وڃي ته گلشن نور اسڪيم کان اڳ ڄاڻايل اسڪيم جو نالو غوثيا ٽائون اسڪيم رکيو هو. اهي اسڪيمون شروع ٿيڻ تي مقامي ميڊيا ۽ شهرين گڏيل طور تي نشاندهي ڪئي جنهن تي سيڊا اختيارين ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد سان رجوع ڪيو هو. ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد اهي اسڪيمون ڪالعدم قرار ڏئي سنڌو درياهه جي فلڊ زون ۾ هائوسنگ اسڪيمن جي اڏاوت تي مڪمل پابندي مڙهي ڇڏي هئي. مجموعي طور 5 اسڪيمون فلڊ زون ۾ شروع ٿيون هيون جن ۾ المدينه سٽي، ڪوهسار گرين سٽي، الرحيم سٽي، شاهه لطيف ريزيڊنسي (غوثيا ٽائون) ۽ گلشن نور اسڪيمون شامل هيون. سنڌو درياهه جي فلڊ زون ۾ اهي اسڪيمون شروع ٿيڻ تي ڪمشنر حيدرآباد به هڪ اعليٰ اسطحي اجلاس طلب ڪيو هو جنهن ۾ ايڇ ڊي اي ۽ بلڊنگ ڪنٽرول ڊپارٽمينٽ جا آفيسر به شريڪ ٿيا هئا. ايڇ ڊي اي اختيارين اهڙين اسڪيمن جي اين او سي رد ڪري ڇڏي هئي جڏهن ته لاڳاپيل عدالتن به اهڙين اسڪيمن کي روڪڻ جو حڪم ڏنو هو. بعد ۾ حيدرآباد جي ان وقت جي ڊپٽي ڪمشنر فواد غفار سومرو به اهڙين اسڪيمن کي رد ڪري مستقبل ۾ به اهڙين اسڪيمن جي اڏاوت تي پابندي مڙهي ڇڏي هئي. هن آبپاشي کاتي جي اختيارين کي هدايت ڪئي هئي ته اهڙين اسڪيمن کي روڪڻ لاءِ نه رڳو قدم کنيا وڃن پر بچاءُ بند جي مضبوطي لاءِ به منصوبو شروع ڪيو وڃي ته جيئن سنڌو درياهه مان شهري آبادي خطري کان بچي سگهي. عدالتي حڪمن، روينيو ۽ ايڇ ڊي اي اختيارين اسڪيمن جون اين او سيز رد ڪرڻ ۽ اهڙين اسڪيمن کي روڪڻ جي حڪمن جي باوجود ڪجهه بلڊرز هڪ ڀيرو ٻيهر فلڊ زون ۾ اهڙيون اسڪيمون جوڙڻ لاءِ سرگرم ٿي ويا آهن ۽ مختلف طريقن سان اسڪيمن جي تشهير ڪري غريب ۽ اٻوجهه شهرين کان رقمون وصول ڪرڻ ۾ مصروف آهن. رابطو ڪرڻ تي سيڊا جي ليفٽ بئنڪ ايريا واٽر بورڊ جي ڊائريڪٽر غلام مجتبيٰ ڌامراهه ٻڌايو ته اسڪيمن تي ڪم ته جيتوڻيڪ رڪيل آهي پر ڪالعدم قرار ڏنل اسڪيم جو نالو تبديل ڪري شهرين کي بيوقوف بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته انهن اسڪيمن تي اڏاوتي ڪم ٿيڻ نه ڏنو ويندو ۽ جيڪو بلڊر اهڙي ڪوشش ڪندو ان خلاف نه رڳو ڪارروائي لاءِ لاڳاپيل ادارن سان رجوع ڪبو پر جڙندڙ اڏاوتون به ڊاهي پٽ ڪيون وينديون.