حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ ايڪتا ڏينهن کي ڀرپور نموني سان ملهائڻ جون تياريون شروع ڪيون ويون آهن. ان ڏس ۾ سنگر ۽ ٽڪ ٽاڪر دعا ميمڻ پاران حيدرآباد ۾ ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ نوجوان ۽ ناريون وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيا، گاڏين ۾ نڪتل اها ريلي پونم چوڪ کان نڪتي جيڪا شهباز بلڊنگ، ٿڌي سڙڪ، فاطمه جناح روڊ، گل سينٽر ۽ ايس ايس پي آفيس چوڪ کان ٿيندي پريس ڪلب تائين پهتي. ريلي ۾ شامل عورتن ۽ نارين اجرڪون ۽ ثقافتي ويس پهري مختلف گيتن تي رقص به ڪيو. ريلي ۾ شامل سنگر ۽ ٽڪ ٽاڪر دعا ميمڻ، سنگر صائمه سحر ۽ ٻين چيو ته هو هر سال ايڪتا ڏينهن کي ڀرپور نموني سان ملهائينديون آهن ۽ ايڪتا ڏينهن کان اڳ سندن پاران ريلي به ڪڍي ويندي آهي، هن سال به هو ايڪتا ڏينهن جي حوالي سان آگاهي ريلي ڪڍي رهيون آهن ته جيئن حيدرآباد واسي وڌ ۾ وڌ ايڪتا ڏينهن جي پروگرامن ۾ شريڪ ٿي سگهن. ريلي ۾ شامل ڪجهه نارين کي اجرڪن سان گڏ پٽڪا به پهريل هئا.