حيدرآباد (بيورو رپورٽ) تعليمي بورڊ حيدرآباد جي ماتحت 9 ضلعن ۾ ٻارهين ڪلاس جي سماجي اڀياس جو پيپر  ٿيو. پيپر دوران تعليمي بورڊ پاران قائم ويجلنس ٽيم ٽنڊو محمد خان جي گورنمينٽ هائير سيڪنڊري راڄو نظاماڻي اسڪول ۾ ڇاپو هڻي 50 کان وڌيڪ اميدوارن کي ڪاپي ڪيس ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته 22 ويجلنس ٽيمن پاران مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي 23 اميدوارن کي ڪاپي ڪيس ۽ ٻن ڄڻن کي متبادل هئڻ تي ڪارروائي ڪئي. هوڏانهن تعليمي بورڊ جي ڪنٽرولر ڊاڪٽر مسرور زئي پاران جاري پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مجموعي طور ويجلنس ٽيمن 53 سينٽر وزٽ ڪري 73 اميدوارن کي ڪاپي ڪيس ڪيو آهي. سکر بورڊ طرفان جوڙيل ٽيمن گھوٽڪيءَ ۽ خيرپور ضلعن ۾ 37 ڄڻڻ کي ڪاپي ڪيس ڪيو، جنھن ۾ 28 گھوٽڪي ۽ 9 اميدوارن کي خيرپور ۾ ڪاپي ڪيس ڪيو ويو. جڏھن ته سکر ۾ ڪنھن به اميدوار کي ڪاپي ڪندي نه پڪڙيو ويو، جيتوڻيڪ امتحاني سينٽرن تي موبائيل فون کڻي وڃڻ  جي جازت ناھي پر اڪثر اميدوار موبائيل فونز پاڻ سان گڏ امتحاني سينٽرز ۾ موجود هئا.