ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ حڪومت پاران شھيد بينظيرآباد ۽ حيدرآباد ۾ ليبر کاتي جي سرڪاري ڪوارٽرن تان 2 مهينن ۾ قبضا ڇڏائڻ جو حڪم، ڊپٽي ڪمشنرن کي مدد جي هدايت، ڪالهه چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه جي صدارت ھيٺ ليبر کاتي بابت اھم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پرڳڻي ۾ ڪارخانن جي مزدورن،گھريلو ملازمن سميت مزدورن جي رجسٽريشن شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري چيو ته حڪومت مزدورن جي زندگي جي معيار کي بھتر بنائڻ لاءِ ھر ممڪن قدم کڻندي. اجلاس ۾ ليبر سيڪريٽري رهائشي ڪالونين تي غير قانوني قبضن بابت آگاهي ڏيندي چيو ته شهيد بينظير آباد ۾ 100 ڪوارٽرز ۽ حيدرآباد ۾ 128 فليٽن تي قبضا ٿيل آهن، جنهن تي چيف سيڪريٽري ليبر کاتي کي ضلعي انتظاميا سان گڏجي ٻن مهينن ۾ قبضا ختم ڪرائڻ ۽ فليٽس توڙي ڪوارٽرز مستحق مزدورن کي ڏيڻ جي هدايت ڪئي ٻئي طرف سنڌ حڪومت 50 کان وڌيڪ صنعتي شعبن ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتن جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت ۾ 15 سيڪڙو واڌ ڪري ڇڏي، ان ڏس ۾ هنر مند ۽ غير هنر مند مزدورن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ اجرت مقرر ڪرڻ جي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ته هنر مزدورن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ اجرت 38 هزار کان 47 هزار 868 رپيا ماهوار هوندي. نوٽيفڪيشن موجب ته آٽو ورڪشاپ، سرن جي بٺن، گاڏين جون باڊيون ٺاهيندڙ صنعتن، سيمنٽ انڊسٽري، سائيڪل انڊسٽري، ڪاٽن جننگ فيڪٽرين ، ڪيميڪل انڊسٽري، تعميراتي صنعت، بجلي تي هلندڙ گهريلو شين جي انڊسٽري، فلور ملن، فوڊ انڊسٽري، فرنيچر، گلاس انڊسٽري، چوڙيون صنعت، اسٽيل انڊسٽري، مشيني ڪارپيٽ انڊسٽري جي هنر مند مزدون جي گهٽ ۾ گهٽ پگهار 37 کان 47 هزار رپيا هوندي، جڏهن ته سيمي اسڪلڊ (نيم هنرمند ) ورڪر جي پگهار 38 هزار 280، اسڪلڊ جي پگهار 45 هزار 910 ۽ وڏي هنر مند جي پگهار 47 هزار 868 رپيا هوندي.