حيدرآباد (بيورو رپورٽ) لطيف آباد يونٽ نمبر 11 واري علائقي ۾ گهر جو ڪرايو ادا نه ڪرڻ تي زال سان جهيڙي بعد پورهيت پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏي، علائقي واسين پهچي مهر علي هائوسنگ سوسائٽي جي رهواسي 38 سالن جي اشفاق احمد جي باهه وسائي کيس ايڌي معرفت علاج لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو . ايڌي انچارج معراج الدين قريشي جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل پاران باهه ڏئي ساڙي خودڪشي جي ڪوشش بابت کين شهرين اطلاع ڏنو ۽ انهن ايئرپورٽ پوليس معرفت واقعي واري هنڌ پهچي زخمي کي ايمبولنس ذريعي علاج لاءِ برنس وارڊ منتقل ڪيو. سول اسپتال جي انتظاميا جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل شخص جو باهه سبب 30 کان 40 سيڪڙو جسم متاثر ٿيو آهي ۽ سندس حالت خطري کان ٻاهر آهي. ايئرپورٽ پوليس جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل شخص ڪرائي جي گهر ۾ رهائش پذير هو ۽ کين علائقي واسين به ٻڌايو آهي ته گهر جي مالڪ همضا کيس ڪرايو ادا نه ڪرڻ سبب گهر خالي پئي ڪرايو جنهن تان زال مڙس ۾ جهيڙو ٿيو ۽ هن دلبرداشته ٿي پاڻ تي پئٽرول هاري باهه ڏني پوليس موجب ته واقعي کانپوءِ گهر کي تالو لڳل آهي جڏهن ته زخمي جا وارث به ٿاڻي ناهن آيا ان ڪري في الحال ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي وئي، علائقي ۾ به افواهه آهن ته اشفاق بيروزگار هو ۽ پئسن جي ڏيتي ليتي سبب پريشانين کان تنگ ٿي هن آپگهات جي ڪوشش ڪئي.