حيدرآباد گئس سلينڊر ڌماڪي ۾ فوت ٿيل 10 شهرين جي وارثن لاءِ امداد جو اعلان

0
65
حيدرآباد سلينڊرز ڌماڪن ۾ سڙي زخمي ٿيلن مان هڪ وڌيڪ ٻارڙو فوت
حيدرآباد سلينڊرز ڌماڪن ۾ سڙي زخمي ٿيلن مان هڪ وڌيڪ ٻارڙو فوت

سنڌ حڪومت طرفان حيدرآباد گئس سلينڊر ڌماڪي ۾ فوت ٿيل 10 شهرين  جي وارثن لاءِ 10-10 لک ۽ زخمين لاءِ 5-5 لک رپيا امداد جو اعلان

 وڏي وزير مراد علي شاهه سان آبپاشي کاتي جي وزير ڄام خان شورو جي ملاقات، حيدرآباد ڌماڪي ۾ انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو ويو

 وڏي وزير  مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت متاثر خاندانن جي ڀرپور سهائتا ڪندي، فوتين جي وارثن کي معاوضو ڏنو ويندو

 صوبائي وزير  ڄام خان شورو چيو آهي ته فوتين جي وارثن کي 10-10 لک ۽ زخمين کي 5-5 لک رپيا ڏنا ويندا

ٻئي پاسي حيدرآباد سلينڊر ڌماڪي جي زخمين مان وڌيڪ هڪ ڄڻُو فوت، 40 ورهين جي فيضان اسحاق سول اسپتال ڪراچي جي برنس وارڊ ۾ زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڏنو

 فوتين جو انگ وڌي 10 ٿي ويو، برنس وارڊ ۾ داخل وڌيڪ 7 زخمين جي حالت اڃا ڳڻتيءَ جوڳي، فوتي  فيضان اسحاق جو لاش حيدرآباد منتقل، گهر ۾ ڪهرام مچي ويو

حيدرآباد سلينڊر ڌماڪي بعد شهرين جو وڏو انگ گئس ڀرائڻ مٽياري پهچي ويو، مٽياري ضلعي ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي گئس سلينڊرز جا غير قانوني دڪان کليل رهيا

 ٽائيم نيوز تي خبر بريڪ ٿيڻ بعد ڊي سي مٽياري  7 دڪان سيل ڪري ڇڏيا، ڊي سي مٽياري جو چوڻ آهي ته انساني جانين کان مٿانهون ڪير به ناهي، گئس سلينڊرز جا غيرقانوني دڪان کولڻ نه ڏنا ويند