ڪراچي: حيدرآباد ڪلب ۾ راندين واري کاتي جو ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪرڻ جو اعلان، راندين واري نگران وزير ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته حيدرآباد ڪلب جي ڊائننگ هال سميت پوري ڪلب جي حالت ايڏي سٺي ناهي جيتري في وصول ڪئي وڃي ٿي، اتي راندين واري کاتي جو ڪو به آفيسر مقر ناهي ڪيو ويو، سدائين ٻين کاتن جا ماڻهو ايڊمنسٽريٽر رهيا آهن، اسان 6 آفيسرن جا انٽرويو ڪيا آهن،جلد راندين واري کاتي جو ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪنداسين.