ڪراچي(اسٽاف رپورٽر )حيدرآباد ڊويزن جي صنعتڪارن ۽ واپارين جي مسئلن جي حل لاءِ ڪمشنر حيدرآباد جي سربراهي هيٺ 16 رُڪني ڪاميٽي قائم ڪئي وئي آهي، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڪاميٽي جو چيئرمين ڪمشنر حيدرآباد ۽ سيڪريٽري ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد هوندا، جڏهن ته ايس ايس پي حيدرآباد، ايس ايس پي ڄامشورو، ڊي جي ايڇ ڊي اي، ايم ڊي واسا، ليبر کاتي جو ريجنل ڊائريڪٽر، حيدرآباد چيمبر آف سمال ٽريڊرز جي صدر سميت 16 ميمبر هوندا، ڪميٽي کي پابند بڻايو ويو آهي ته حيدرآباد، نوري آباد ۽ ڪوٽڙي ۾ انڊسٽريل سائيٽ تي انفرااسٽڪچر سميت بجلي، پاڻي ۽ نيڪالي واري نظام سميت ٻين مسئلن جي رپورٽ تيار ڪري 15 ڏينهن اندر جمع ڪرائي وڃي.