حيدرآباد(بيورو رپورٽ) ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي چونڊن جا غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجا جاري ڪيا ويا آهن. پرزائيڊنگ آفيسر پاران جاري ڪيل نتيجن مطابق مطابق صدر جي عهدي تي اشعر مجيد کوکر 652 ووٽ، جنرل سيڪريٽري جي عهدي تي مسعود رسول بابر ميمڻ 772 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي آهي. نائب صدر جي عهدي تي عبدالحفيظ سولنگي 487 ووٽ، جوانٽ سيڪريٽري جي عهدي تي تنوير جوڻيجو 467. خزانچي جي عهدي تي رميز ابڙو 695 ۽ لائبريري سيڪريٽري جي عهدي تي حاجي ايوب سومرو 672 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيا. مئنجنگ ڪميٽي جي 7 سيٽن تي بلال مصطفا 992 ووٽ، جميلا نور 954 ووٽ، اعجاز جمالي 902 ووٽ، عبدالجبار اگهيم 899 ووٽ، صدام حسين خاصخيلي 797 ۽ ساجد بجير 701 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيا. چونڊن لاء 7 پولنگ بوٿ جوڙيا ويا هئا. اها چونڊ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڪرم الدين جوڻيجو جي نگراني ۾ ٿي. ڪاميابي ماڻيندڙ اميدوارن جشن به ملهايو. ايس ايس پي حيدرآباد ڊاڪٽر فرخ لنجار پاران به ڪاميابي ماڻيندڙ اميدوارن کي مبارڪباد ڏني وئي آهي.