حيدرآباد(بيورو رپورٽ) حيدرآباد ڀرسان بخشو لغاري جي ڳوٺ غلام حسين سيروال لغاري تي ڇنڇر رات 3وڳي ڌاري چڙھائي ڪري عورتن، مردن ۽ ٻارن کي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو ، جڏهن ته پوليس جي مبينا فائرنگ 2ڄڻا سخت ٿي پيا، پوليس گهرن کان ڦرلٽ کانپوء 6ڄڻن کي کنڀي وئي، پوليس چڙھائي خلاف لغاري برادري جي عورتن،ٻارن ۽ مردن ڪالھه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعري بازي ڪئي. ان موقعي تي ثمينا لغاري،شھيلا لغاري،روبينا،ساجد لغاري،رحمان لغاري ۽ ٻين چيو ته ڇنڇر رات 3وڳي ڌاري پٻڻ ۽ وڍ ٿاڻي سوڌو ٻين ٿاڻن جي 15کان 20 گاڏين ۾ سوار هٿيار بند اهلڪارن ۽ خانگي ماڻھن سان گڏ اسان جي گهرن تي چڙھائي ڪري ننڊ ستل عورتن،مردن ۽ ٻارن کي اٿاري وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو ۽ فائرنگ ڪري ڏني جنهن ۾ 2ڀائر محسن لغاري ۽ غلام قادر لغاري زخمي ٿي پيا جنهن بعد پوليس زخمين کي ڇڏي 6 ڄڻن صدام حسين لغاري،ظھيرلغاري،وسيم اڪرم،غلام فاروق لغاري، احسان لغاري ۽ سائين بخش لغاري کي گهرن مان موبائل فون،روڪ رقم ۽ قيمتي سامان ڦرلٽ بعد کنڀي کڻي وئي آھي.هنن چيو ته پوليس بغير وارنٽ ۽ اطلاع جي گهرن تي چڙھائي ڪري چادر ۽ چوديواري جو تقدس پامال ڪيو آھي.هنن چيو ته اسان جي ڳوٺ جي هڪ نوجوان سلمان لغاري ٺري ميرواھ واسڻ بسمه ڌي ربنواز مڱڻھار سان 21 اپريل 2025ع تي حيدرآباد جي عدالت ۾ مرضي جو پرڻو ڪيو هو جيڪو ال سوڌ بعد ۾ گم ٿي ويو جنهن واقعي جي اطلات حد جي ٿاڻي تي داخل ڪرائي آھي. هنن چيو ته شادي بعد بسمه پٻڻ ٿاڻي مڙس جي حق ۾ 164 جو بيان به ڏنو هو.هنن چيو ڇوڪري ۽ ڇوڪري پنهنجي رضا خوشي سان شادي ڪئي آھي، جنهن ۾ مائٽن جو ڪو به عمل دخل نه هو پوليس ناحق گهرن تي چڙھائي ڪئي آھي. هنن الزام هنيو ٺري ميرواھه پوليس ۽ مخالفن جي سهولتڪاري ۾ ڳوٺ جا ماڻھو شفن لغاري،پپو لغاري ۽ رياض مڱڻھار ملوث آھن مخالفن جي ماڻھن کي پاڻ رهايو ۽ هٿيار ڏنا. هنن چيف جسٽس سنڌ هائي ڪورٽ کي اپيل ڪئي ته پٻڻ ۽ وڍ ٿاڻي سوڌو ميرواھه پوليس خلاف ڪارروائي ڪري کنڀي کڻي ويل 6 ڄڻن کي آزاد ڪري گم ٿيل زال مڙس کي بازياب ڪرايو وڃي.