حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ڀرسان سيري واري علائقي ۾ پڃاري واھ مان اڌڙوٽ شخص جو لاش مليو. علائقي واسين ڳوٺ حسين بخش ميربحر ڀرسان لاش واھ ۾ لڙهندي ڏسي پوليس کي اطلاع ڏنو ۽ سيري پوليس پهچي ٽوٻن جي مدد سان واهه مان ڪڍرائي تحويل ۾ وٺي ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو. پوليس جو چوڻ آهي ته هٿ آيل لاش 3 کان 4 ڏينهن پراڻو لڳي رهيو آهي جنهن جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي ان ڪري في الحال اهو لاش مرده خاني ۾ رکرايو ويو آهي ۽ جيڪڏهن اڄ تائين لاش جي سڃاڻپ نه ٿي ته تدفين لاءِ ايڌي حوالي ڪيو ويندو. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته انهن واهه ۾ لاش لڙهندي ڏسي پوليس کي اطلاع ڏنو هو.