حيدرآباد(رپورٽر) ٽنڊو حيدر واسي مبينا قتل ٿيل نوجوان دلشير جتوئي قتل ڪيس ۾ گهربل جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف مقتول جي وارثن حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو. ان موقعي تي مقتول جي امڙ ارباب خاتون جتوئي دانهيندي چيو ته سندس پٽ دلشير جتوئي کي سيد برادري سان تعلق رکندڙ بااثرن وحشياڻو تشدد ڪرڻ کانپوءِ گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ بعد لاش راهوڪي ٿاڻي جي حد ۾ ريل پٽڙي تي اڇلائي واقعي کي آپگهات جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ باوجود پوليس پنهنجي پٽي ڀائي هڪ جوابدار جي ونگار وهندي جوابدارن کي گرفتار نه ٿي ڪري. هنن چيو ته جوابدار ڪيس تان هٿ نه کڻڻ جي صورت ۾ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن. هنن وس وارن کان گهر ڪئي ته دلشير جي قتل ڪيس جا جوابدارگرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.