حيدرآباد (بيورو رپورٽ) آرٽيفشل انٽيليجنس ذريعي سنڌ جي تاريخي شهر حيدرآباد جي پڪي قلعي جي منظر ڪشي ڪئي وئي آهي. پڪي قلعي جي حوالي سان ڪيل منظر نگاري ۾ قلعي کي انتهائي خوبصورت انداز ۾ ڏيکاريو ويو آهي. قلعي جي سامهون حيدرآباد جي آبادي به ڏيکاريل آهي جڏهن ته قلعي جي برج تي منارو به ڏيکاريو ويو آهي. برج جي ڀرسان هڪ اهڙي عمارت ڏيکاريل آهي جنهن تي ٻيا منارا به نظر اچن ٿا. برج ڀرسان ان عمارت ۾ ڏاڪڻ جي مدد سان داخل ٿي سگهي ٿو. هڪ تصوير ۾ قلعي ڀرسان پاڻي به ڏيکاريل آهي جيڪا حيدرآباد ڀرسان وهندڙ سنڌو درياهه جي منظر ڪشي لڳي ٿي. آرٽيفشل انٽيليجنس ذريعي پڪي قلعي جي ڪيل منظر نگاري سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي آهي جنهن جا چرچا عام ٿي رهيا آهن. واضح رهي ته حيدرآباد جو پڪو قلعو ميان غلام شاهه ڪلهوڙي تعمير ڪرايو هو. اهو قلعو اڄ به موجود آهي پر ان جي سار سنڀال نه پئي ڪئي وڃي جنهن جي ڪري قلعو زبون حال ٿي رهيو آهي. آرٽيفشل انٽيليجنس ذريعي قلعي جي منظر نگاري مان ايئن لڳي ٿو ته ڄڻ اهو قلعو ڪنهن تازو ئي تعمير ڪرايو هجي.