حيدرآباد(بيورو رپورٽ ) ايس ايس پي حيدرآباد ڊاڪٽر فرخ لنجار جي بدلي نه ٿيڻ خلاف وڪيلن جو 14 ڏينھن به احتجاج جاري رهيو، ايندڙ اربع تي آل سنڌ وڪلا ڪنوينشن ٿيندو. ڪالهه حيدرآباد جي وڪيلن جي حمايت ۾ ڄامشورو، دادو، سيوھڻ، حيدرآباد مٽياري، ٺٽو، ٽنڊوالهيار، ميرپورخاص، بدين، عمرڪوٽ، سانگھڙ ڪنڊيارو، ڀريا، ٽنڊوآدم ۽ ٻين بارن ۾ ڪالھه مڪمل بائيڪاٽ رھيو سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ، ڊسٽرڪٽ ڪورٽس، سول ڪورٽس ۽ خصوصي عدالتن ۾ ڪيس نه هليا، ڪيس نه هلڻ سبب سائل رلي ويا، سوين ڪيس رولڙي جو شڪار ٿي ويا، وڪيلن پاران ايس ايس پي حيدرآباد ڊاڪٽر فرخ لنجار جي بدلي نه ٿيڻ تائين احتجاج جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن لاءِ سيشن ڪورٽ جي مک دروازي تي وڪيلن ڪئمپ قائم ڪري ورتي آهي، جتي پوليس اھلڪار ۽ آفيسرن سميت عام عوام جي عدالت ۾ داخلا تي بندش آهي، وڪيلن جي تحريڪ پاران ٻئين مرحلي ۾ ايفيڊيوٽ برانچ مڪمل طور بند آهي، سائلين کي عدالت ۾ اچڻ کان وڪيلن روڪيو ويو آهي. عدالت مک گيٽن وٽ تالا به لڳل آهن. وڪيلن ايس ايس پي حيدرآباد ڊاڪٽر فرخ لنجار خلاف نعريبازي ڪندي کيس هٽائڻ جو مطالبو ڪيو آھي. ان سلسلي ۾ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ جي مک دروازي وٽان لڳل ڪئمپ تي ايڊووڪيٽ ڪي بي لغاري، ايڊووڪيٽ فيصل مغل، ايڊووڪيٽ نويد جروار، ايڊووڪيٽ اسرار چانگ، ايڊووڪيٽ ظھرالدين سھتو، ايڊووڪيٽ عبدالوھاب منشي، پاران لڳل ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته جيڪي ماڻھو ھن تحريڪ کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن انھن کي وائکو ڪرڻ گھرجي ھاڻي تحريڪ جو رخ صرف ڪنوينشن کان پوءِ ايندڙ لاعمل تي جدوجھد ڪرڻ جي ضرورت آھي وڪيل پاڻ ۾ متعد آھن جيستائين ايس ايس پي حيدرآباد ڊاڪٽر فرخ لنجار بدلي نٿو ٿئي تيستائين احتجاج جاري رھندو ايندڙ اربع تي ٿيندڙ آل سنڌ لائيرز ڪنوينشن ۾ سنڌ جي ٻرندڙ صورتحال سنڌو ته اڏجندڻ ڪئنال ۽ 26 آئيني ترميم ۽ سنڌ سرڪار جي ڪارڪردگي تي سمورا وڪيل پنھنجا رايا ڏيندا پوءِ تحريڪ جو رخ جيڏاھن به ٿئي پر جھدوجھد ڪرڻ ضرورت آھي.