حيدرآباد(بيورو رپورٽ) حيدرآباد پوليس ۽ وڪيلن وچ ۾ هلندڙ تڪرار تيز ٿي ويو آهي، ايس ايس پي جي بدلي لاءِ ايڊووڪيٽ فيصل مغل جي اڳواڻي ۾ ڪجھه وڪيلن ايس ايس پي چوڪ تي احتجاج ڪيو. ان موقعي تي وڪيلن ايس ايس پي چؤڪ تي وڪيل چوڪ جو بينر به ھنيا احتجاج دوران وڪيل فيصل مغل جي اڳواڻي ۾ ڪجھه وڪيل ڪورٽ مان نڪري نعرا هڻندا ايس ايس پي آفيس واري رستي تان ٿيندا ايس پي چوڪ پهتا جتي ايس پي چوڪ وٽ ڊاڪٽر فرخ لنجار خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي ھنن ايس ايس پي کي ھٽائڻ جو مطالبو پڻ ڪيو. وڪيلن جي احتجاج سبب سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ، ڊسٽرڪٽ ڪورٽس، سول ڪورٽس ۽ خصوصي عدالتن ۾ ڪيس نه هلياڪيس نه هلڻ سبب سائل رلي ويا،آھن ۽ سوين ڪيس رولڙي جو شڪار ٿي ويا. وڪيلن پاران ايس ايس پي حيدرآباد ڊاڪٽر فرخ لنجار جي بدلي نه ٿيڻ تائين احتجاج جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ٻئي طرف حيدرآباد ايس ايس پي حيدرآباد جي بدلي نه ٿيڻ خلاف ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن پاران سڀاڻي کان ڇنڇر تائين عدالتي ڪاروهنوار جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو ويو آهي. وڪيلن چيو آهي ته ڪو به وڪيل ڇنڇر تائين عدالتي ڪارروائي ۾ حصو نه وٺن هڙتال سبب خصوصي عدالتن جو ڪاروهنوار به بند رهندو. هاءِ ڪورٽ حيدرآباد جي بار ايسوسيئيشن پاران به سڀاڻي عدالتي ڪم ڪار معطل رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ چيو ويو آهي ته وڪيل ٻڌي جو مظاهرو ڪري عدالتي ڪارروائي جو حصو نه ٿين.