غوثپور/حيدرآباد(ن پ ا +بيورو رپورٽ) حيدرآباد پوليس ڪنڌڪوٽ مان کنڀيل نوجوان کي مبينا مقابلي ۾ فل فراءِ ڪري ڇڏيو. ان ڏس ۾ حيدرآباد پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته فورٽ ٿاڻي جي حد ۾ مبينا پوليس مقابلو نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو پوليس موجبمبينا مقابلو قدم گاھ ويجهو ٽائرن واري گهٽي ۾ پيش آيو جتي پوليس جي گشت دوران هٿياربند ڦورن سان  پوليس جو ٽڪراء ٿيو، فائرنگ جي ڏي وٺ  ٿيڻ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويومارجي ويل ڦورو جي سڃاڻپ فاروق احمد عرف عمر شيخ ولد امير شيخ جي نالي سان ٿي، سندس ساٿي فرار ٿي ويوابتدائي طور ڦورو زخمي ٿي پيو جيڪو بعد ۾ فوت ٿي ويو پوليس پاران مبينا طور مقابلي ۾ مارجي ويل ڦورو جو ڪرمنل رڪارڊ پڌرو  ڪندي چيو ويو آهي ته مارجي ويل جوابدار مختلف سنگين ڪيسن ۾ پوليس کي گهربل هو  پوليس مطابق مارجي ويل جوابدار 2017ع ۾ هڪ سيشن جج کي گاڏي سميت اغوا ڪيو ۽ بعد ۾ جج کي ڇڏي گاڏي ڪاهي فرار ٿيو مارجي ويل جوابدار 5 مايچ 2025ع تي هٽڙي ٿاڻي جي حد مان شهري علي محمد لاشاري کان ريوو گاڏي ڦر ڪئي23 مارچ تي هن بلديا ٿاڻي جي حد مان اعجاز علي سنجراڻي کان ريوو گاڏي ڦر ڪئي مارجي ويل جوابدار ۽ سندس ساٿي اڪثر ڪري لگزري گاڏين کي نشانو بنائيندا هئا پوليس پاران جوابدار جي هٿيارن سميت وڊيو به منظرعام تي آندي وئي هڪ سي سي ٽي وي وڊيو به پڌري جنهن ۾ پوليس مطابق جوابدار گاڏي ڦر ڪندي نظر اچي ٿو جوابدار خلاف سنڌ جي مختلف ٿاڻن تي سنگين نوعيت جا ڪيس داخل ٿيل آهن مارجي ويل جوابدار اصل ۾ ضلعي ڪنڌڪوٽ – ڪشمور جو رهواسي هو مارجي ويل جوابدار خلاف فورٽ ٿاڻي تي مقابلي ۽ هٿيار هٿ اچڻ جا ٻه الڳ الڳ ڪيس داخل ڪري ڇڏيا آهن. هوڏانهن حيدرآباد پوليس پاران کنڀي گم ڪيل نوجوان فاروق عرف عمر شيخ کي ڦل ڦراء ڪرڻ جو  اطلاع پوڻ. تي سندس گھر ۾ ڪھرام مچي ويو آهي رابطو ڪرڻ تي مقتول عمر شيخ جي وارثن ميڊيا کي ٻڌايو ته گذريل ڏينهن حيدرآباد پوليس ڳوٺ تي چڙهائي ڪري نوجوان رفيق الله شيخ کي گولين جو کاڄ  بڻائڻ بعد فاروق عرف عمر شيخ کي گرفتار ڪري کنڀي کڻي وئي هئي. جنھن بعد حيدرآباد پوليس طرفان ڪورو مقابلو ڄاڻائي فاروق عرف عمر شيخ کي قتل ڪري ظلم ڪيو ويو آهي ھنن ٻڌايو پوليس پاران کنڀي گم ڪيل فاروق عرف عمر شيخ کي آذاد ڪرڻ جو ٻڌايو ويو پر بعد ۾ حيدرآباد پوليس مقابلو ڄاڻائي کيس ڦل ڦراء ڪيو ويو آهي وڌيڪ مقتول جي وارثن پاران وس وارن کان نوٽيس وٺي انصاف جو مطالبو ڪيو ويو آهي ٻئي پاسي لاش وصول ڪرڻ لاء غوثپور مان وارث عورتون ۽ ٻيا حيدرآباد طرف روانا ٿي ويا آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.