حيدرآباد (بيورو رپورٽ) جڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 2 جي عدالت قاسم آباد ۾ پوليس چوڪي 15 تي اي ايس آءِ سان بدتميزي ۽ گارگند ڪرڻ واري ڪيس ۾ سنڌ جي وڏي وزير جي پرسنل سيڪريٽري سليم باجاري جي پٽ ارسلان سليم باجاري جي 20 هزار رپين جي مچلڪن عيوض 7 نومبر تائين عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي آهي. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ قاسم آباد جي 15 چوڪي تي اي ايس آءِ پاران روڪڻ تي بدتميزي ۽ گارگند ڪئي هئي جنهن کانپوءِ ٻنهي ڌرين ۾ ٺاهه ٿي وڃڻ کانپوءِ پوليس نامعلوم نوجوانن مٿان ڪيس داخل ڪيو هو پر سوشل ميڊيا جي دٻاءُ کانپوءِ سليم باجاري جي پٽ ارسلان سليم باجاري جو نالو ڪيس ۾ شامل ڪرڻ کانپوءِ هن گذريل ڏينهن عدالت پهچي حفاظتي ضمانت حاصل ڪري ورتي آهي.