حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سائيٽ، هٽڙي، نسيم نگر، حالي روڊ ۽ ڀٽائي نگر ٿاڻن جي پوليس ڪاررروايون ڪري 8 ڄڻن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. سائيٽ پوليس جو چوڻ آهي ته جوڻيجو ڪالوني ۾ محمد عمر نالي شخص جي گهران ٿيل چوري جا جوابدار ارباز مگسي ۽ سلمان کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان چوري ٿيل سامان هٿ ڪري ورتو آهي. هٽڙي پوليس چينل روڊ تي مين پڙي جي سامان سان ڀريل مزده ٽرڪ تحويل ۾ وٺي احسان الله شيخ نالي شخص کي گرفتار ڪيو آهي. پوليس موجب مزده ٽرڪ مان کين 90 ڪٽن ۾ پيل خام مال ۽ تيار ٿيل مين پڙيون مليون آهن. جوابدار جو تعلق خيرپور سان آهي جنهن سکر کان حيدرآباد ۽ ڪراچي منشيات جو سامان منتقل پئي ڪيو. نسيم نگر پوليس قائداعظم پارڪ وٽان مهيش ڪمار کي 4 بوتلون شراب سميت گرفتار ڪيو. حالي روڊ پوليس آمريڪن ڪوارٽر وٽان حسين بخش چنا کي هڪ ڪلو 50 گرام چرس، ايڌي سينٽر وٽان فاروق بلوچ ۽ امجد بلوچ کي گرفتار ڪيو. پوليس موجب ڄاڻايل جوابدار به منشيات سپلائي ڪن ٿا. ڀٽائي نگر پوليس پيٽرولنگ دوران ارشد احمد شيخ کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان هڪ ڪلو 100 گرم چرس هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي. بي سيڪشن پوليس يونٽ نمبر 5 لطيف آباد مان نديم جاويد نالي شخص جي چوري ٿيل ڪار هٿ ڪري سندس حوالي ڪري ڇڏي آهي.