حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد پوليس ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان چوري ٿيل 7 ڪارون هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. جي او آر ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار احسان شيخ ۽ سمير بڙدي کي جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان گرفتار ڪيو ۽ سندن نشاندهي تي مختلف علائقن مان چوري ٿيل 7 ڪارون به هٿ ڪري ورتيون آهن. هٿ آيل ڪارن ۾ 3 ٽويوٽا ڪرولا، هڪ هنڊا سوڪ، هڪ هنڊا سٽي، هڪ ڪوري ۽ سوزوڪي مهراڻ شامل آهن. پوليس جي دعويٰ آهي ته ڄاڻايل جوابدارن جو تعلق بين الصوبائي ڪار چور گروهه سان آهي. جيڪي ڪراچي، لاهور، سانگهڙ ۽ ٻين شهرن مان ڪارون چوري ڪندا رهيا آهن.