حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ بي سيڪشن، ھٽڙي ۽ حسين آباد پوليس مبينا مقابلن ۾ ٽن ڏوهارين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آهي ته ڪرسچن ڪالوني قبرستان ڀرسان موٽرسائيڪل تي سوار ٻن شڪي ماڻهن کي روڪڻ جو اشارو ڏنو جن پوليس تي فائر ڪيا. جوابي فائرنگ ۾ هڪ ڏوهاري زوهيب عرف حق نواز خاصخيلي زخمي ٿيو جڏهن ته سندس ساٿي موٽرسائيڪل تي فرار ٿي ويو. پوليس موجب زخمي ڏوهاري وٽان کين ٽي ٽي پستول مليو آهي جنهن کي انهن علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو. هٽڙي پوليس جو چوڻ آهي ته چانگ روڊ تي لوهي پل وٽ ڏوهه جي ارادي سان بيٺل چئن ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جن فائرنگ ڪئي ۽ جوابي فائرنگ ۾ هڪ ڏوهاري شيراز نظاماڻي زخمي ٿيو جڏهن ته سندس 3 ساٿي فرار ٿي ويا آهن جن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي. پوليس موجب گرفتار جوابدارجي قبضي مان کين غيرقانوني اسلحو مليو جنهن کي علاج لاءِ انهن اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي. اهڙي ريت حسين آباد پوليس ميرن جي مشين وٽ موٽرسائيڪل سوار ڏوهارين سان مبينا مقابلي جي دعويٰ ڪندي امان ڪڇي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو. پوليس موجب جوابدار جو هڪ ساٿي پوليس تي فائرنگ ڪري فرار ٿي ويو آهي جنهن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي جڏهن ته انهن زخمي ڏوهاري کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو. پوليس ترجمان موجب ته ٽنهي مقابلن جا ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا ويا آهن ۽ لاڳاپيل ٿاڻن جي پوليس پاران ڏوهارين جي ڪرمنل رڪارڊ جي جاچ ڪئي پئي وڃي.