حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) حيدرآباد ۾ پوليس مبينا مقابلي ۾ هڪ ڏوهاري کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته ٽنڊو يوسف ٿاڻي جي حد بدين چالي وٽ منشيات ڊيلرن جي اطلاع تي پوليس ڇاپو هڻي ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڏوهارين پوليس تي فائر ڪيا ۽ پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ سجاد سواتي پٺاڻ مارجي ويو جڏهن ته سندس 3 ساٿي فرار ٿي ويا. ترجمان موجب ڇاپي دوران پوليس کي واقعي واري هنڌان 2 ڪلاشنڪوف ۽ منشيات به ملي آهي. مارجي ويل ڏوهاري آئيس جو وڏو ڊيلر هو. ٽنڊو يوسف ٿاڻي جي پوليس به دعويٰ ڪئي ته کين ڳجهو اطلاع هو ته ڪجهه منشيات فروش هڪ جاءِ ۾ ويٺل آهن جن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ فجر مهل ڇاپو هنيو جتي ڏوهارين سان سندن مقابلو ٿيو. پوليس مقابلي مارجي ويل ڏوهاري جو لاش ضروري ڪارروائي لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو. پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ڏوهاري جي ڏوهي رڪارڊ جي جاچ ڪئي وئي آهي جنهن ۾ کين ڄاڻ ملي آهي ته مٿس پوليس سان مقابل ۽ غيرقانوني اسلحي جا 17 ڪيس داخل ٿيل آهن. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل منشيات فروش کي ساٿين سميت ڪجهه ڏينهن اڳ لطيف آباد جي بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس گرفتار ڪيو هو ۽ مختلف هنڌن تي رکي جاچ ڪرڻ بعد کيس فل فراءِ ڪرڻ بعد بدين چالي واري علائقي ۾ مقابلي جي دعويٰ ڪئي آهي. ٻئي طرف پوليس ترجمان ۽ ايڌي پاران جاري ڪيل پڌراين ۾ به تضاد هو. پوليس ترجمان ڄاڻايو ته ڏوهاري ٽنڊو يوسف ٿاڻي جي پوليس سان مقابلي دوران مارجي ويو آهي جڏهن ته ايڌي پاران پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو ته ڏوهاري جو لاش کين بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس معرفت مليو جنهن کي انهن اسپتال منتقل ڪيو آهي. آخري اطلاعن تائين مبينا ڏوهاري جو لاش اسپتال ۾ پيل هو.