حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سائيٽ پوليس ذيل پاڪ ڀرسان ٽنڊو محمد خان روڊ تي مبينا ڏوهارين سان مقابلي جي دعويٰ ڪندي هڪ ڄڻي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي. ترجمان جو چوڻ آهي ته ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار 4 شڪي ماڻهن کي پوليس پاران روڪڻ جو اشارو ڪيو ويو جن بيهڻ بدران پوليس تي سڌا فائر ڪيا. جوابي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو علي محمد ملاح زخمي ٿيو جڏهن ته سندس ساٿي آصف يوسفزئي کي سوگهو ڪري ٿاڻي منتقل ڪيو آهي. 2 ڄڻا اونڌاهي جو فائدو وٺي فرار ٿي ويا آهن جن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي. پوليس جو چوڻ آهي ته ڏوهارين جي قبضي مان کين موٽرسائيڪل ۽ ٽي ٽي پستول مليو آهي. زخمي ڏوهاري کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪري سندن ڏوهي رڪارڊ جي جاچ ڪئي پئي وڃي.