حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سٽي پوليس گلوڪاره عيني مستوئي سان پيش آيل واقعي جو ڪيس داخل ڪرڻ بدران ٻنهي ڌرين کي گهرائي سندن ٿاڻي تي نبيرو ڪرائي ڇڏيو آهي. هڪ ڏينهن اڳ گلوڪاره عيني مستوئي پنهنجي وڊيو بيان ۾ ڄاڻايو هو ته ڪلاٿ مارڪيٽ واري علائقي تارا چند اسپتال ڀرسان عقيقي ۽ سالگرهه جي تقريب ۾ ڳائڻ لاءِ پهتي ۽ ان تقريب ۾ ڳائڻ لاءِ کيس شاهنواز عرف شاهزيب نالي شخص وٺي ويو هو جتي موجود ماڻهن کيس حراسان ڪري گهور ۾ مليل 75 هزار رپيا روڪ رقم به ڦر ڪئي هئي. معاملو ”ٽائيم نيوز“ تي نشر ٿيڻ ۽ ”پنهنجي اخبار“ ۾ شايع ٿيڻ کانپوءِ سٽي پوليس متاثر فنڪاره عيني مستوئي سان رابطو ڪري کيس ٿاڻي طلب ڪيو ۽ سندس نشاندهي تي پوليس الزام هيٺ آيل ڌر جي ماڻهن کي به گهرايو. ٻنهي ڌرين پاڻ ۾ ايس ايڇ او سٽي محمد رحيم چانڊيو جي موجودگي ۾ ڳالهيون ڪيون. ايس ايڇ او جي آفيس ۾ ڳالهين بعد ٻئي ڌريون ٺاهه تي رضامند ٿيون. ٺاهه ٿيڻ بعد عيني مستوئي پنهنجي وڊيو بيان ۾ ڄاڻايو آهي ته هو سٽي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ پهتي جتي پوليس ساڻس سهڪار ڪيو ۽ ٿاڻي پهچي حراسان ڪري زوري محفل ۾ ڳارائيندڙ ڌر کانئس معافي ورتي جنهن بعد هن کين معاف ڪري ڇڏيو آهي. ڄاڻايل ڌر ٻيهر اهڙي قسم جي حرڪت نه ڪرڻ جي به کيس خاطري ڪرائي آهي جنهن ڪري معاملو اتي ئي ختم ڪري ڇڏيو آهي. رابطو ڪرڻ تي سٽي ٿاڻي جي ايس ايڇ او محمد رحيم چانڊيو چيو ته انهن ”ٽائيم نيوز“ تي معاملو نشر ٿيڻ کانپوءِ نوٽيس وٺندي متاثر فنڪاره سان رابطو ڪيو ته جيئن هو واقعي جو ڪيس داخل ڪرائي پر ٿاڻي پهچڻ بعد الزام هيٺ آيل ڌر مان شهباز قريشي، اڇو ۽ ٻين سان سندس ڳالهيون ٿيون ۽ ٻنهي ڌرين پاڻ کي معاف ڪيو جڏهن ته عيني مستوئي ڪيس داخل نه ڪرايو آهي جنهن ڪري هاڻي هو ڪا ڪارروائي نه ڪندا. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي ڌرين ۾ ٿاڻي تي ٿيل نبيري دوران متاثر گلوڪاره عيني مستوئي کي الزام هيٺ آيل ڌر جي ماڻهن 35 هزار رپيا روڪ رقم به ڏني هئي پر پوليس رقم واري معاملي جي تصديق نه ڪئي.