حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي ٽن ڌار ڌار ٿاڻن جي حد ۾ چار مبينا مقابلن ۾ 4 جوابدارن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. پوليس مطابق زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل جوابدارن وٽان هٿيار ۽ ڦريل موٽرسائيڪل به هٿ ڪئي وئي. هڪ مقابلو بي سيڪشن ٿاڻي جي حد بچاءُ بند ڀرسان پمپنگ اسٽيشن وٽ ٿيو جنهن ۾ هڪ جوابدار بابر عرف سني سولنگي زخمي ٿي پيو جنهن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو جڏهن ته سندس ساٿي فرار ٿي ويو. پوليس مطابق بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ چيڪنگ دوران اسٽريٽ ڪرمنلز سان مقابلو ٿيو جنهن ۾ هڪ جوابدار زخمي ٿي پيو. زخمي جوابدار وٽان هڪ عدد پسٽل ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون آهن.ٻيو مقابلو پڃاري ٿاڻي جي حد ۾ مسلم قبرستان وٽ ٿيو جنهن ۾ هڪ جوابدار عبدالرحمان عرف راجا زخمي ٿي پيو جنهن کي گرفتار ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار واردات جي نيت سان گهمي رهيا هئا. پوليس جو ساڻن مسلم قبرستان غفور شاهه ڪالوني وٽ مقابلو ٿيو. گرفتار جوابدار وٽان چوري ٿيل موٽرسائيڪل ۽  پسٽل به هٿ ڪيو ويو آهي. ٽيون مقابلو هوسڙي ٿاڻي جي حد ۾ ٽنڊو فضل روڊ تي ڳوٺ الهڏني سولنگي وٽ ٿيو جنهن ۾ هڪ شخص مراد رڏ زخمي ٿي پيو. پوليس جو چوڻ آهي ته 3 جوابدار موٽرسائيڪل تي سوار هئا. پوليس کين روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته انهن پوليس مٿان فائرنگ ڪئي. نتيجي ۾ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو. جڏهن ته سندس 2 ساٿي موٽرسائيڪل سميت فرار ٿي ويا. پوليس مطابق زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل جوابدار 5 کان وڌيڪ ڪيسن ۾ نامزد ٿيل آهي جڏهن ته سندس وڌيڪ ڪيسن جي جاچ ڪئي پئي وڃي. ٽنهي زخمي جوابدارن کي علاج لاءِ سول اسپتال موڪليو ويو.ٻي طرف  ٽنڊي ڄام واري علائقي ۾ به پوليس مبينا مقابلي ۾ جوابدار  ذوالفقار عرف ذلو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي آهي.