مسوڀرڳڙي(ن پ ا) مسوڀرڳڙي سميت تعلقي حيدرآباد رورل ۾ پاڻي جي فراهمي لاءِ لڳايل آر او (ريورس اوسموسس) پلانٽ خراب ٿي وڃڻ سبب هزارين رهواسين کي صاف پيئڻ جو پاڻي نه ملي رهيو آهي. مقامي آبادي، خاص طور تي ڳوٺاڻن علائقن جا ماڻهو، سخت پريشاني جو شڪار آهن، جتي اڳ ئي پاڻي جي کوٽ هڪ وڏي مسئلي طور موجود آهي.معلوم ٿيو آهي ته تعلقي حيدرآباد ٻهراڙي ۾ لڳل آر او پلانٽ گذريل ڪيتري عرصي کان مڪمل طور تي بند پيا آهن. ٽيڪنيڪل عملدارن مطابق پلانٽس جي فلٽر سسٽم ۽ پمپنگ مشينري خراب ٿي وئي آهي، جنهن جي مرمت لاءِ فني سامان ۽ فنڊ جي کوٽ آهي. رهاڪن شڪايت ڪئي آهي ته ڪيترائي ڀيرا واسطيدار ادارن کي شڪايتون ڪيون ويون آهن، پر تاحال ڪو به قدم نه کنيو ويو آهي. مسوڀرڳڙي جي مقامي سماجي ڪارڪن پير بخش آرائين، ستار ابڙو۔اعجاز علي ۽ ٻين  چيو ته “اسان جو شهر پاڻي لاءِ انحصار ئي آر او پلانٽ تي آهي، ۽ هاڻ ٻارڙا، بزرگ، عورتون سڀ بي حد متاثر آهن. اڪثر ماڻهو واٽرن يا نلڪن جو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن، جيڪو صحت لاءِ تمام خطرناڪ آهي. جڏهن ته صحت جي ماهرن جو چوڻ آهي ته گندو يا فلٽر کانسواءِ پاڻي پيئڻ سان هيضو، پيٽ جي بيماريون ۽ ٻين بيمارين جي خطري ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو. صورتحال جي سنگيني کي نظر ۾ رکندي، شهرين حڪومت کان فوري قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي.