حيدرآباد(بيورو رپورٽ) هوسڙي مان هڪ ڏينهن اڳ گم ڄاڻايل نينگر جو لاش هٿ آيو آھي، 14 ورهين جو عليم الله ولد شمس الدين ڪاڪڙ گذريل ڏينهن ٽپهري جو لاپتا ٿي ويو هو، جنهن نينگر جو لاش اڪرم واھه مان هٿ آيو آهي، پوليس مطابق لاش واھه مان ڪڍائي اسپتال منتقل ڪيو ويو، لاش هوسڙي ٿاڻي جي حد مان ئي وهندڙ اڪرم واھ مان هٿ آيو آهي.