حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ويجھو تيز رفتار ڪار ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري واھ ۾ ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ ايم ڪيو ايم جي آزاد حيثيت ۾ چونڊيل ڪائونسلر ۽ ھن جو ٻن سالن جو پٽ فوت ٿي ويا آھن تفصيل موجب ھوسڙي ويجھو چئنل موري وٽ حيدرآباد کان ھوسڙي ويندڙ تيز رفتار ڪار ڊرائيور جي ڪنٽرول مان واھ ۾ ڪري پئي وقت سر امداد نه ملڻ سبب مقامي ماڻھن جو وڏو انگ پھچي ويو ۽ ڪيترن ماڻھن واھ ۾ ٽپو ڏئي کين بچائڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن بعد ريسڪيو 1122 جي ٽيم پھچي ڪرين جي مدد سان ڪار کي واھ مان ڪڍيو ۽ پي پٽ کي اسپتال رسايو پر ٻئي ڄڻا رستي ۾ ئي فوت ٿي ويا سول اسپتال جي ڊاڪٽرن سندن موت جي تصديق ڪئي ريسڪيو عملي موجب ڪار سوار محسن راجپوت ٽائون سچل سرمست جي يوسي 92 جي وارڊ 3 مان آزاد حيثيت ڪائونسلر چونڊيو ھو ۽ ايم ڪيو ايم جو يونٽ ميمبر ھو جيڪو پنھنجي ٻن سالن جي پٽ ذوالقرنين راجپوت سان گڏ ھوسڙي ۾ واقع سندس رھائش گاھ راجپوت پاڙي وڃي رھيو ھو ته اھو واقعو پيش ۽ ھو مالڪ حقيقيءَ سان وڃي مليا حادثي جو شڪار پي پٽ جا لاش گھر پھتا تہ گھر ۾ڪهرام مچي ويو ۽ ماحول سوڳوار ٿي ويو.