حيدرآباد ويجهو قتل ڪيل جميل منگواڻو جي والد چيف جسٽس، وڏي وزير ۽ ٻين کي خط لکي ڇڏيو

0
27
حيدرآباد ويجهو قتل ڪيل جميل منگواڻو جي والد چيف جسٽس، وڏي وزير ۽ ٻين کي خط لکي ڇڏيو
حيدرآباد ويجهو قتل ڪيل جميل منگواڻو جي والد چيف جسٽس، وڏي وزير ۽ ٻين کي خط لکي ڇڏيو

حيدرآباد ويجهو وحشياڻي تشدد بعد بيدرديءَ سان ڪهي قتل ڪيل جميل منگواڻو جا وارث پوليس مان مايوس، مقتول جي والد يار محمد چيف جسٽس، وڏي وزير ۽ ٻين کي خط لکي ڇڏيو

 مقتول جي والد خط ۾ ڄاڻايو آهي ته 11 جون تي پٽ جو قتل ڪيس مک جوابدار حسين ڀرڳڙي ۽ سندس ڀاءُ مريد ڀرڳڙي سوڌو چئن جوابدارن خلاف داخل ڪرايو ويو

 پوليس گرفتاري ظاهر ڪرڻ بدران مک جوابدار حسين ڀرڳڙي کي ٽنڊو فضل پڪٽ تي لڪائي ڇڏيو، جوابدار 14 جون تي پوليس جي تحويل مان فرار ٿي ويو

هن چيو ته پوليس جاچ مان مطمئن ناهيان، جاچ ڪميٽي جوڙي انصاف فراهم ڪيو وڃي، پٽ جي خون سان انصاف نه ٿيو ته حيدرآباد پريس ڪلب اڳيان پاڻ ساڙيندس

 جميل منگواڻو جو لاش 7 جون تي ڪيلي جي باغ مان هٿ آيو هو، ڊي آءِ جي حيدرآباد جوابدار جي فرار ٿيڻ جو نوٽيس وٺي ايس ايڇ او هوسڙي طفيل احمد ڀٽو کي معطل ڪرڻ سان گڏ رينڪ گهٽائي ايس آءِ طور رپورٽ ڪيو هو