حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ جي ورڪس اينڊ سروسز کاتي جي ٻن انجنيئرن جون مقرريون ۽ بدليون ڪيون ويون آهن. 19هين گريڊ جي سپرنٽينڊنگ انجنيئر شير محمد مهسر کي حيدرآباد مان بدلي ڪري گريڊ 20هين جي ڊائريڪٽر جنرل چيف منسٽر انسپيڪشن انڪوائرز اينڊ امپليمينٽينشن ٽيم ۾ مقرر ڪيو ويو آهي. ان کانسواءِ ترقي ماڻيندڙ گريڊ 18هين جي ڪامران نذير کيبر کي مٽياري ۾ بلڊنگ ڊويزن جو ايگزيڪيوٽو انجنيئر مقرر ڪيو ويو آهي. اها جاءِ خالي پيل هئي. ٻنهي انجنيئرن جي مقرري ۽ بدلي جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.