حيدرآباد(بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد بينچ، حيدرآباد لطيف آباد جي رھواسي ڪراچي پورٽ قاسم جي ملازم محمد رضوان عباسي کي نجي اسپتال ٻاھران مبينا کنڀڻ خلاف داخل درخواست وفاقي گھرو سيڪريٽري، ڊي جي انٽر سروسز انٽيليجنس، ڊي جي رينجرز سنڌ، آءِ جي پوليس سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد، ايس ايس پي حيدرآباد، ايس ايچ او، بي سيڪشن لطيف آباد، محمد رضوان سميت لاڳاپيل اختيارين کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آهي. جسٽس ارشد حسين خان ۽ جسٽس فياض الحسن شاھه ٻڌڻي ڪئي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته 14 اپريل تي لطيف آباد 6 نمبر جي نجي اسپتال ٻاھران نامعلوم ڪار ۽ ھڪ موٽرسائيڪل رات ھڪ وڳي کيس کنڀيو آھي بعد ۾ درخواستگذار ايس ايچ او بي سيڪشن سان رابطو ڪيو، مدد ۽ قانوني تحفظ جي درخواست ڪئي، پر ڪابه مدد نه ملي، درخواستگذار ايس ايس پي حيدرآباد سميت ڪيترن ئي اختيارين سان رابطو ڪيو، پر ڪٿي به شنوائي نه ٿي حيدرآباد شھر ۾ ماڻهن جي جبري گمشدگي جو رجحان اڄڪلهه عام ٿي ويو آهي، جنهن تي دنيا ۾ تنقيد به ٿيندي رهي آهي، پر بدقسمتي سان اسان جا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا به ان عمل ۾ ملوث آهن، جيئن ته ڪيترين ئي گم ٿيل ماڻهن جي ڪيسن مان ظاهر آهي، آزادي هر شهري جو آئيني حق آهي، پر هن صورت ۾ نظربند کي سندس جائز حقن کان محروم ڪيو ويو آهي، ۽ هو گم ٿي ويو آهي، جيڪو گم ٿيل ماڻهن جي مامري جو حصو بڻجي ويو آهي عبدالقادر جي گم ٿيڻ کان پوءِ سندس پورو خاندان ذهني صدمو ۽ پريشانيءَ جو شڪار آهي ۽ کيس پنهنجي جان بابت سنجيده خدشا آهن، ھن پنھجي درخواست ۾ عدالت کان استدعا ڪئي ته لاڳاپيل ڌريون گم ٿيل عبدالقادر جي ڳولا ڪن، کيس هٿ ڪري پيش ڪن ۽ عدالت سندس اغوا گم ٿيڻ بابت بيان رڪارڊ ڪري ۽ پوءِ قانون موجب کيس آزادي ڏئي، عملدارن خلاف قانوني ڪاروائي جو حڪم ڏئي ۽ درخواستگذار ۽ گم ٿيل عبدالقادر جي خاندان کي قانوني تحفظ فراهم ڪيو وڃي.