حيدرآباد واسي ٽيڪسي ڊرائيور شاهزيب جي قاتل جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف

0
524
حيدرآباد واسي ٽيڪسي ڊرائيور شاهزيب جي قاتل جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف
حيدرآباد واسي ٽيڪسي ڊرائيور شاهزيب جي قاتل جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف

ڪراچي: حيدرآباد واسي آن لائين ٽيڪسي ڊرائيور شاهزيب انصاري جي قاتل پوليس آڏو اهم انڪشاف ڪيا آهن

پوليس موجب جوابدار آن لائن گيم مان متاثر ٿي، ڦر جي واردات ڪئي

ايس آءِ او سچل غلام حسين پيرزادو موجب جوابدار عبدالصمد ٻڌايو ته هن ڪار ڦر جو آئيڊيا آن لائين گيم مان ورتو، ان گيم ۾ ڪار ڦر ڪرڻ سان اها ڪار ملندي آهي

جوابدار 18 سالن جو آهي، هن ٻڌايو ته کيس ڪار سان جنون جي حد تائين محبت آهي، جوابدار آن لائين گيم مان آئيڊيا وٺي ڪار بڪ ڪرائي، ڪار آئي ته هو پوئين سيٽ تي ويٺو

جوابدار وٽ پنهنجي والد جو لائسنس وارو پستول هو، جوابدار جي والد جو ترڪي ۽ دبئي ۾ بزنس هو پر ان کي ڪاروبار ۾ نقصان ٿيو، هاڻي مسواڙ جي گهر ۾ رهن ٿا

جوابدار آن لائين گيم مان متاثر ٿي زندگي ۾ هي پهريون ڏوهه ڪيو

جوابدار ٽيڪسي ڊرائيور کي لطيف آباد هلڻ جو چيو ڪار سميرا چوڪ وٽ پهتي ته جوابدار ڊرائيور کي چيو ته ڪار بيهار دوست کي کڻڻو آهي

ڪار بيٺي ته جوابدار ڊرائيور کي ڪنڌ ۾ گولي هنئي جيڪا مٿي ۾ ڦاسي پئي،  جوابدار مقتول جو لاش اڇلايو ۽ رت صاف ڪيو، ان دوران مقتول جي والد رابطو ڪٽجي وڃڻ بعد ٽريڪر بند ڪرايو، ڪار بند ٿي وئي ته جوابدار فرار ٿي گهر هليو ويو

پوليس جوابدار کي نمبر ٽريس ڪري گرفتار ڪيو آهي، جوابدار جي والد کي جاچ ۾ شامل ڪيو ويو، کيس گرفتار ڪيو ويندو