ميلبورن(اسپورٽس نيوز) قومي ٽيم جي حيدرآباد سان واسطو رکندڙ فاسٽ بالر محمد حسينن کي آسٽريليا خلاف ون ڊي سيريز ۾ پليئنگ اليون ۾ شامل ڪرڻ جو امڪان آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم اڄڪلهه آسٽريليا جي دوري تي ميلبورن ۾ ٽريننگ سيشن ۾ مصروف آهي، جتي رانديگرن فزيڪل ۽ فيلڊنگ ڊرلز کانپوءِ نيٽ تي ڀرپور پريڪٽس ڪئي. فاسٽ بالر شاهين آفريدي، حارث رئوف، عامر جمال به نيٽ تي بالنگ ڪندي نظر آيا. قومي سليڪٽر اسد شفيق، ڪوچ جيسن گليسپي ۽ ڪپتان محمد رضوان سان تفصيلي مشاورت ڪئي، اسد شفيق، بابر اعظم ۽ ٻين رانديگرن سان به مليو. ذريعن موجب چيمپيئنز ون ڊي ڪپ ۾ شاندار ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪندڙ محمد حسنين جي پليئنگ اليون ۾ واپسي جو امڪان آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته فاسٽ بالر جي فارم کي نظر ۾ رکندي کيس پهرين ون ڊي ميچ جي پليئنگ اليون ۾ شامل ڪرڻ جو چٽو امڪان آهي.