حيدرآباد (بيورو رپورٽ) چانڊيا برادري جي نوجوانن پاران هاف فراءِ ڪيل زوهيب چانڊيو سان انصاف لاءِ اولڊ ڪيمپس کان ريلي ڪڍي حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي ياسر چانڊيو، علي محمد چانڊيو، مجاهد چانڊيو ۽ ٻين چيو ته عيد جي ٽئين ڏينهن تي حيدرآباد دربار هوٽل تان ڪم ڪري گهر واپس ايندڙ پورهيت زوهيب چانڊيو کي پوليس گرفتار ڪري وئي جنهن کي ٻئي ڏينهن تي ٽنگ ۾ گولي هڻي زخمي ڪري ڇڏيو. هنن چيو ته زوهيب بيگناهه آھي. جي او آر ٿاڻي جي پوليس ناحق ڪيو آھي جڏھن ته زوهيب ڪنهن به ڏوهه ۾ ملوث نه آھي نه ئي هو ڪو ڏوهاري آھي پوليس زوهيب کي گرفتار ڪرڻ بعد آزاد ڪرڻ لاءِ هڪ لک رپيا رشوت پڻ طلب ڪئي هئي پر اسان کين اها رقم نه ڏني. هنن چيو ته حيدرآباد پوليس هر طرف ڪوڙا مقابلا ڪري بيگناهه ماڻھو ماري رهي آھي. هنن وس وارن کي اپيل ڪئي ته زوهيب چانڊيو کي زخمي ڪندڙ پوليس اهلڪارن خلاف سخت ڪارروائي ڪري وارثن سان انصاف ڪيو وڃي .