حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ سوشل ميڊيا تي ناانصافين خلاف پوسٽون شيئر ڪرڻ تي قتل ٿيل ناري واري ڪيس ۾ هڪ جوابدار جي عبوري ضمانت رد ڪري ڇڏي. جوابدار غلام شبير ٻٻر کي عدالتي پوليس تحويل ۾ وٺي ڄامشورو پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته 2022ع دوران ڄامشورو ٿاڻي تي ڪريانه جو دڪان هلائيندڙ ڪي اين شاهه جي رهواسي ناظم الدين ٻٻر ڌيءُ جي قتل جو ڪيس 4 ڄڻن خلاف داخل ڪرايو هو. فريادي ڪيس ۾ ڄاڻايو ته سندس ڌيءُ مسمات صدوري زال قمرالدين ٻٻر کي جوابدار غلام شبير ٻٻر، جعفر، اصغر ۽ مراد اڻڄاتل ماڻهن سان گڏجي قتل ڪيو ڇاڪاڻ ته ڄاڻايل بااثر ماڻهن سان سندن زمين واري معاملي تي پراڻو تڪرار هو ۽ معاملو حل نه ٿيڻ تي سندس ڌيءُ سوشل ميڊيا تي پوسٽون شيئر ڪيون جنهن تان مڇرجي انهن کيس قتل ڪيو. جوابدار غلام شبير ٻٻر ضمانت ڪرائي هئي ۽ عدالت ۾ وڪيل معرفت پڪي ضمانت لاءِ پيش ٿيو. جسٽس محمد ڪريم خان آغا تي مشتمل سنگل بئنچ وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد جوابدار جي پڪي ضمانت منظور ڪرڻ بدران عبوري ضمانت رد ڪرڻ جو حڪم ڏنو جنهن بعد پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري پاڻ سان گڏ کڻي وئي.