حيدرآباد (رپورٽ: منير راڄڙ) سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد پاران واسا حيدرآباد جي ملازمن کي 8 مهينن جي پگهارون ۽ پينشن ڏيڻ لاءِ سنڌ حڪومت کي ڪيل حڪم تي اڃا تائين عمل نه ٿيو، واسا جا ملازم مالي بدحالي سبب پنڻ تي مجبور، علاج نه ٿيڻ سبب هڪ ملازم جي نياڻي فوت، جڏهن ته واسا ملازم ڪاشف شيخ جيڪو جگر جي عارضي ۾ مبتلا ٿي ويو آهي ۽ ٻيو ملازم ارشاد عرف ٽنڊول پنهنجي پٽ جو علاج ڪرائڻ لاءِ در در جا ڌڪا کائڻ تي مجبور. تفصيل موجب سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم کانپوءِ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه واسا ملازمن کي جون 2023ع تائين 8 مهينن جون پگهارون ۽ پينشن ادا ڪرڻ لاءِ هڪ ارب 9 ڪروڙ 68 لک 69 هزار رپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني جنهن تي واسا پاران سمري ٺاهي جون 2023ع تي مڪاني ادارن کي موڪلي وئي جتان مڪاني ادارن جي صوبائي سيڪريٽري سيد نجم الدين شاهه سمري تي صحيح ڪري ناڻي کاتي کي 9 جون 2023ع تي موڪلي هئي پر اها سمري اڃا تائين پاس نه ٿيڻ سبب واسا جا ملازم ۽ رٽائرڊ ملازم پگهارن ۽ پينشن کان محروم هئڻ سبب شديد مالي بحران جي ورچڙهي ويا آهن، ”پنهنجي اخبار“ پاران گڏ ڪيل معلومات موجب حيدرآباد شهر کي پيئڻ جو صاف پاڻي، نيڪال نظام فراهم ڪندڙ اداري واسا جڏهن ته شهر جي ترقياتي ڪمن لاءِ قائم ڪيل اداري ايچ ڊي اي ۾ مالي بحران ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي. ڄاڻ موجب واسا جا 2 هزار ڪچا ملازم، 600 پڪا ملازم، 150 آفيسر، 900 پينشنر 8 مهينن جي پگهار ۽ پينشن کان محروم آهن. ساڳئي طرح ايڇ ڊي اي جي هائوسنگ، پي اين ڊي سي ۽ ڊي جي آفيس جي 700 ملازمن ۽ 900 پينشنر کي وري ٽن مهينن کان پگهار ۽ پينشن نه ملي سگهيا آهن. اڳوڻي وڏي وزير پاران واسا جي منظور ڪيل هڪ ارب کان وڌيڪ رقم ۾ 64 ڪروڙ 98 لک 50 هزار اسپيشل گرانٽ جڏهن ته 31 ڪروڙ 72 لک 45 هزار پگهارن ۽ پينشن جي مد ۾ منظور ڪيا ويا هئا ۽ واسا کي اهي هدايتون ڪيون ويون هيون ته سمورن ملازمن کي جون 2023ع تائين جون پگهارون ۽ پينشن ادا ڪئي وڃي پر اها سمري گذريل ٽن مهينن کان دفتري فائلن ۾ گهمي رهي آهي ۽ ملازم بک ۽ بدحالي ۾ تڙپي تڙپي پنهنجون ۽ پنهنجن ٻچڙن جون زندگيون وڃائي رهيا آهن.