حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ عدالت نينگر کي مبينا قيد ۾ رکي کانئس گداگري وارو پيشو ڪرائيندڙ جوابدار کي ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي. بي سيڪشن پوليس نينگر فيضان خاصخيلي جي اغوا جو ڪيس داخل ڪري جوابدار دانش قريشي کي عدالت ۾ پيش ڪري رمانڊ جي استدعا ڪئي. سول جج جڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 6 جي عدالت جوابدار کي 3 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ٻيهر پوليس حوالي ڪيو. 3 ڏينهن اڳ پوليس لطيف آباد يونٽ نمبر 10 ۾ ڪارروائي ڪري 10 سالن جي نينگر فيضان کي بازياب ڪرائي جوابدار کي گرفتار ڪيو هو.