حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) 4 مهينا اڳ ڳوٺ قائم ٻٻر ۾ مبينا زيادتي بعد قتل ٿيل نينگري نشا ڪولهي واري ڪيس ۾ پٻڻ پوليس ٽنهي شڪي جوابدارن کي آجو قرار ڏئي چالان عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو، عدالت پڪي چالان جي آڌار تي ٽنهي ڄڻن کي بري ڪرڻ جو حڪم ڏنو. رپورٽ موجب 21 جون 2023ع تي پٻڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ قائم ٻٻر ۾ 14 ورهين جي نينگري نشا ڪولهي جو لاش مليو. اطلاع تي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو هو. شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ نينگري سان جنسي زيادتي جي تصديق ٿي جنهن بعد پوليس سندس والد والجي ڪولهي جي فرياد تي شڪي طور جوابدار ذوالفقار ڏهوٽ، زاهد خاصخيلي ۽ عمر پٺاڻ خلاف نينگري سان جنسي زيادتي ڪري کيس قتل ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو هو. 14 ڏينهن لاڳيتو جوابدار پوليس وٽ رمانڊ تي هئا جنهن بعد کين عدالتي حڪم تحت جيل اماڻيو ويو. ڪيس جي جاچ آفيسر پاران سول جج جڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 5 جي عدالت ۾ ڪيس جو ڪچو چالان پيش ڪرڻ بدران رڳو شروعاتي رپورٽ اهو ڄاڻائي پيش ڪئي وئي ته جوابدارن جا جزا ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ اماڻيا ويا آهن جيڪا رپورٽ اچڻ بعد ئي چالان جمع ڪرايو ويندو. ڪجهه عرصي بعد گرفتار جوابدارن جي وارثن نينگري جي والد ڪيس جي فريادي والجي ڪولهي سان ڳالهيون ڪري کانئس عدالت ۾ لکت وارو بيان جمع ڪرايو جنهن آڌار تي ٽنهي جوابدارن جي ضمانت ٿي. ڪيس جي جاچ آفيسر ڪاشف خان جو چوڻ آهي ته جسماني رمانڊ طور جوابدارن جا ڊي اين اي سيمپل لاءِ جزا ورتا ويا هئا جيڪي ٽيسٽ لاءِ لمس ڄامشورو ۽ روهڙي ليبارٽرين ڏانهن اماڻيا ويا جتان رپورٽ فراهم ٿي جنهن ۾ ٽنهي جوابدارن جا جزا نينگري سان ميچ ناهن ٿيا جڏهن ته انهن لڳ ڀڳ 50 ٻين شڪي ماڻهن جا جزا به ڊي اين اي لاءِ اماڻيا هئا پر سڀني جي رپورٽ نيگيٽو آئي آهي ۽ انهن ڊي اين اي سميت مختلف رپورٽن جي آڌار تي ڪيس ۾ نامزد ٿيل ٽنهي شڪي جوابدارن جا نالا خارج ڪرڻ لاءِ اي ڪلاس ۾ شامل ڪري پڪو چالان عدالت ۾ جمع ڪرايو ۽ عدالت به پڪو چالان منظور ڪندي ٽنهي جوابدارن کي اي ڪلاس تحت بري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. واضح رهي ته گرفتار ٿيل مقامي زميندار ذوالفقار ڏهوٽ، عمر پٺاڻ ۽ زاهد خاصخيلي تي نينگري جي والد پاران الزام هنيا ويا هئا ته پهرين ڏينهن جڏهن نشا جو لاش گهر ٻاهران انبن جي باغ مان مليو ته انهن کيس سول اسپتال منتقل ڪرڻ بدران جهڻ موري واري علائقي ۾ مقامي اسپتال مان ئي نشا جي موت جي تصديق ٿيڻ بعد سندس لاش واپس گهر پهچائي کين آخري رسمون ادا ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو. ٻئي ڏينهن جڏهن انهن واقعي بابت پوليس کي ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ان کان به کين روڪيو ويو. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته شروعاتي ميڊيڪل توڙي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ نشا سان زيادتي ۽ تشدد جي تصديق ٿي هئي پر جڏهن ميڊيڪو ليگل شعبي پاران پوسٽ مارٽم ۽ ڊي اين اي جي تصديق واري رپورٽ جاري ڪئي هئي ته ان ۾ نشا سان زيادتي جو ذڪر ئي شامل نه ڪيو ويو. ذريعن اهو به ٻڌايو ته نشا جو موت ڪيئن ٿيو اهو ڪارڻ بعد ميڊيڪو ليگل شعبي پاران واضح ناهي ڄاڻايو ويو. علائقي ۾ اڃا تائين چئوٻول آهن ته نشا کي جنسي زيادتي جو نشانو بڻائي قتل ڪيو ويو هو ۽ واقعي ۾ علائقي جي بااثر ماڻهن سان گڏ سندن برادري جا ماڻهو به شامل هئا پر پوليس واقعي جي جاچ ڪرڻ دوران مک جوابدارن تائين پهچڻ بدران شڪ جي آڌار تي گرفتار ٿيل جوابدارن جا نالا به اي ڪلاس ۾ شامل ڪري کين عدالت کان بري ڪرائي ڇڏيو آهي. واضح رهي ته 21 جون 2023ع تي پوليس نينگري نشا زيادتي بعد قتل جو ڪيس داخل ڪيو هو. واقعو ميڊيا تي نشر ٿيڻ کانپوءِ اڳوڻي ايس ايس پي پاران واقعي جي جاچ لاءِ ڌار ڌار ڪميٽيون به جوڙيون ويون هيون پر 4 مهينا گذرڻ باوجود نشا وارو معاملو اڃا تائين حل ناهي ٿي سگهيو.