حيدرآباد: مڪاني چونڊن جي رهيل 97 مخصوص سيٽن تي رڳو 18 اميدوارن پاران فارم جمع

0
123

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن جي مختلف ٽائونز ۽ يونين ڪميٽين تي رهجي ويل 97 مخصوص سيٽن تي ننڍي چونڊ جي شيڊول جاري ٿيڻ باوجود رڳو 26 سيٽن تي اميدوار پنهنجا نامزدگي فارم جمع ڪرائي سگهيا آهن جڏهن ته خالي پيل مخصوص سيٽن ۾ عورتن جي 18، يوٿ جي 8، اقليتن جي 36 ۽ هاري جي هڪ سيٽ سميت 71 سيٽن تي ڪنهن به اميدوار فارم ناهي ڀرايو جنهن ڪري ڄاڻايل سيٽون ٻيهر خالي رهجي ويون آهن

اليڪشن ڪميشن کان مليل ڄاڻ موجب سڌي ريت چونڊيل ڊپٽي ميئر پ پ جو ضلعي صدر صغير احمد قريشي ايڇ ايم سي جي ليبر واري مخصوص سيٽ تي چونڊجي ويو آهي. صغير قريشي ڊپٽي ميئر آهي ان ڪري 6 مهينن دوران کيس ايڇ ايم سي جو ميمبر ٿيڻو هو. اهڙي ريت ايڇ ايم سي ۾ پي ٽي آءِ جي ٽرانسجينڊر واري خالي سيٽ تي محمد اشرف سنيا کي چونڊيو ويو آهي

مختلف ٽائونز ۾ عورتن ۽ ٽرانسجينڊر جي 10 خالي سيٽن مان ٽي ايم سي ميان سرفراز تي عورتن تي مخصوص سيٽ تي پي ٽي آءِ جي حنا انيس، ٽي ايم سي ٽنڊو فضل ۾ ميران ڪرشن جڏهن ته ٽي ايم سي پريٽ آباد ۾ ٽرانسجينڊر جي مخصوص سيٽ تي پي ٽي آءِ جو محمد نديم چونڊجي ويو آهي

هوڏانهن اليڪشن ڪميشن پاران يونين ڪميٽي 76 تي چيئرمين واري سيٽ تي ٿيندڙ اليڪشن جو شيڊول جاري ڪيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته 5 نومبر تي ننڍي چونڊ ٿيندي جنهن ۾ پ پ جو چيئرمين وڏير محمد ٿيٻو ۽ پي ٽي آءِ جي محمد سليم ۾ مقابلو ٿيندو. مجموعي طور ڄاڻايل يونين ڪميٽي ۾ 4 هزار 639 ووٽرز آهن جن ۾ 2 هزار 451 مرد ۽ 2 هزار 188 عورت ووٽرز شامل آهن جن لاءِ گڏيل طور 4 پولنگ اسٽيشنز قائم ڪيون وينديون