حيدرآباد (بيورو رپورٽ) انجمن تاجران سنڌ جي اڳواڻن وقار ميمڻ، علي رضا آرائين، صلاح الدين غوري,،عبدالسلام شيخ، امجد آرائين، محمد علي راجپوت ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته حيسڪو جي ناجائز ڊيٽيڪشن بلن، گئس جي غير اعلانيه لوڊشيڊنگ، بلديه اعليٰ ۾ ڪرپشن، سول اسپتال جي ناقص حالتن، ۽ قبضا مافيا خلاف اثرائتي ڪارروائي ڪئي وڃي. حيسڪو ناجائز طريقي سان ڊيٽيڪشن بل جاري ڪري رهيو آهي جنهن سبب عام صارفين وڏي مالي بار هيٺ اچي ويا آهن. اڳواڻن جو چوڻ هو ته حيسڪو جي غير شفاف پاليسين سبب ايماندار شهري به متاثر ٿي رهيا آهن. انهن گهر ڪئي ته ناجائز ڊيٽيڪشن بل فوري طور ختم ڪيا وڃن ۽ شفاف بلنگ جو نظام قائم ڪيو وڃي گئس جي لوڊشيڊنگ عوام لاءِ وڏو مسئلو بڻيل آهي. اڳواڻن انڪشاف ڪيو ته بلديه اعليٰ حيدرآباد ڪرپشن جو ڳڙهه بڻجي چڪي آهي. 9 ٽائونز ۾ 160 يوسيز لاءِ هر مهيني 12 لک رپيا جاري ٿيڻ باوجود شهر ۾ صفائي، اسٽريٽ لائيٽس ۽ ٻين بنيادي سهولتن جي کوٽ آهي. هنن ٺيڪيدارن ۽ ڪرپٽ آفيسرن، اشرف ملڪاني ۽ ٻين تي ڪرپشن جا الزام لڳايا ۽ مطالبو ڪيو ته بلديه ۾ ڪرپٽ عملدارن ۽ ٺيڪيدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي سول اسپتال ۾ ڪرپشن ۽ صحت جون خراب حالتون آهن. اعليٰ سطحي جاچ جو مطالبو ڪيون ٿا. هنن شهر ۾ قبضا مافيا ۽ ڀُتوخوري قبضا مافيا ۽ غير قانوني واڌ ويجھ خلاف آواز اٿاريو آهي. ڪجهه آفيسر ۽ ملازم ڀُتو وٺي قبضا خورن کي تحفظ ڏئي رهيا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته قبضا مافيا ۽ ڀتا خورن خلاف اثرائتي ڪارروائي ڪئي وڃي. مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته ٻي صورت ۾ عوامي سطح تي احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.