حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن ۾ من پسند ٺيڪيدار کي غيرقانوني طريقي سان اشتهارن جا ٺيڪا ڏيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. شهرين جي درخواست تي اينٽي ڪرپشن پوليس معاملي جي جاچ شروع ڪندي ٽيڪس وصولي ڪندڙ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر کي نوٽيس جاري ڪندي 20 فيبروري تي رڪارڊ سميت پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته قاسم آباد سان تعلق رکندڙ ڪاشف شاهه هيومن رائٽس ڪميشن ۽ ڊپٽي ڪمشنر کي ڊسمبر 2023ع ۾ درخواست ڏني هئي جنهن ۾ هن موقف اختيار ڪيو ته ايڇ ايم سي پاران سال 2023ع ۽ 2024ع لاءِ اشتهارن جا ٽينڊر جاري ڪيا ويا هئا جنهن دوران ٽيڪس شعبي ۾ مقرر اسسٽنٽ ڊائريڪٽر عبدالوهاب راجپوت اختيارين جو غيرقانوني استعمال ڪري 12 ڪروڙ رپين وارو ٺيڪو پنهنجي من پسند ٺيڪيدار عارف راجپوت کي ساڍا 6 ڪروڙ رپين ۾ ڏئي ڇڏيو آهي جڏهن ته ڄاڻايل ٺيڪو رڳو سٽي ۽ لطيف آباد جو هو پر هن مبينا ڪرپشن لاءِ ڄاڻايل ٽينڊر ۾ قاسم آباد ۽ ٽنڊو ڄام جا به نالا شامل ڪري ڇڏيا آهن. درخواست گذار اهو به ڄاڻايو ته 17هين گريڊ ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر جي سيٽ تي ويٺل عبدالوهاب راجپوت جي مقرري نائب قاصد طور ٿيل آهي پر تنهن باوجود هو غيرقانوني طور 17هين گريڊ جو عملدار بڻيل آهي ۽ ڄاڻايل ٺيڪو ان حسنين نالي ڪمپني جي اڳ ۾ ئي ڊفالٽر خورشيد راجپوت جي پٽ عارف راجپوت کي ڏئي ڇڏيو آهي ان ڪري سندس خلاف جاچ ڪئي وڃي. ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن آغا حسين ايڇ ايم سي جي ميونسپل ڪمشنر کي ليٽر لکي پابند بڻايو آهي ته ڄاڻايل درخواست تي انهن ٽيڪس وصول ڪندڙ انچارج عبدالوهاب راجپوت خلاف 2023ع ۽ 2024ع جي جاري ڪيل ٽينڊرز جي حوالي سان جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ان ڪري کيس پابند بڻايو وڃي ته هو 20 فيبروري تي صبح جو ساڍي 11 بجي سموري رڪارڊ سميت شهباز بلڊنگ ۾ قائم سندس آفيس ۾ پيش ٿي پنهنجو جواب جمع ڪرائي ٻي صورت ۾ سندس خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. ٻڌايو پيو وڃي ته ان کان اڳ به اينٽي ڪرپشن ڄاڻايل اسسٽنٽ ڊائريڪٽر کي نوٽيس جاري ڪندي 2 فيبروري تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو پر هو بيماري جو جواز ڄاڻائي پيش نه ٿيو هو.