حيدرآباد(بيورو رپورٽ) ميونسپل ڪارپوريشن حيدرآباد جي تعلقي لطيف آباد جي لينڊ کاتي ۾ ڪرپشن جو انڪشاف ٿيو آهي، ذريعن موجب لينڊ کاتي لطيف آباد ۾ بطور انسپيڪٽر ڪم ڪندڙ عورت عملدار ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪندي ڪوڙا دستاويز ٺاھي ڪارپوريشن کي ڪروڙين رپين جو نقصان ڏنو، جنهن تي لينڊ کاتي جي جاچ ٽيم جاچ ڪئي ته ھن ۾ انڪشاف ٿيو ته ڄاڻايل عورت عملدار اختيارن جو ناجائز فائدو وٺي ڪروڙين رپين جا جعلي دستاويز ٺاھي ڪرپشن ڪئي آهي، ھڪ متاثر گلزار احمد جاچ ٽيم کي بيان ڏنو ته ھن کان صباحت خانزاده 4 لک رشوت وٺي جعلي دستاويز ٺاھي ڏنا جنهن جي شڪايت به ڪئي پر ڄاڻايل عملدار تي ميونسپل ڪمشنر ظھور لکڻ ۽ ڊائريڪٽر لينڊ رفيق احمد جو ھٿ ھئڻ سبب ڪا به ڪارروائي نه ڪئي، جنهن بابت جڏهن جاچ ٽيم عملدار عورت کان آڏي پڇا ڪئي ته ھن اعتراف ڪري لکت ۾معافي به ورتي ان باوجود ھن عورت کي نه ته نوڪري مان ھٽايو ويو نه وري معطل ڪيو ويو جنهن اداري کي ڪروڙين رپين جو نقصان ڏنو آهي  ان سلسلي ۾ پنهنجي اخبار پاران جڏھن ميونسپل ڪمشنر حيدرآباد ظھور احمد لکڻ سان رابطو ڪيو ته ھن جو چوڻ هو ته بلڪل صباحت خانزاده  تي ڪرپشن جا الزام آھن ۽ جنهن عملدار تي ڪرپشن جا الزام ھوندا اسين حمايت ڇو ڪنداسين ھن چيو ته ڄاڻايل عملدار 19 مئي تي عھدي تان ھٽائي رپورٽ ڪرايو ۽ 22 مئي تي کيس معطل ڪري سندس خلاف جاچ شروع ڪرائي وئي آهي.